اسلام آباد(بيورو+م ڊ)پاڪستان جي قومي فضائي ڪمپني، پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز (پي آءِ اي) جي خريداري لاءِ عارف حبيب ڪنسرشيئم اوپن بولنگ ۾ 135 ارب روپين سان سڀ کان وڌيڪ بولي لڳائي، جيڪا ڪامياب ٿي وئي،گذريل ڏينهن پي آءِ اي جي نجڪاري جي عمل دوران عارف حبيب گروپ ۽ لڪي گروپ وچ ۾ اوپن ٻولي لڳي،شروعاتي ٻولي ۾لڪي گروپ: 101.5 ارب روپيا ايئر بليو: 26.5 ارب روپياعارف حبيب گروپ + شريڪ ڪمپنيون: 115 ارب روپياٻئي مرحلي ۾،ٻولي جي شروعات 115 ارب روپين کان ٿي ۽ گهٽ ۾ گهٽ 25 ڪروڙ روپين جو اضافو ڪرڻو هو. عارف حبيب ڪنسرشيئم 135 ارب روپين سان ڪامياب ٻولي ڏيندڙ بڻيو.نجڪاري ڪميشن جي صلاحڪار محمد علي چيو ته ڪامياب ٻولي ڏيندڙ حڪومت وٽ موجود باقي 25 سيڪڙو شيئرز به خريد ڪندو،جنهن لاءِ ان کي 90 ڏينهن جو وقت ڏنو ويندو،رقم جو ٻه ڀاڱي ٽيون حصو ڪامياب ٻولي ڏيندڙ کي ٽن مهينن ۾ ڏيڻو پوندو،جڏهن ته باقي رقم لاءِ هڪ سال جو وقت ڏنو ويندو، ڪامياب ٻولي ڏيندڙ کي پي آءِ اي جا 75سيڪڙو شيئرز خريد ڪرڻ جو حق حاصل ٿيندو.باقي25 سيڪڙو خريد ڪرڻ جو موقعو پڻ هوندو، جنهن لاءِ 90 ڏينهن ڏنا ويندا ،75 سيڪڙو شيئرز جي رقم مان حڪومت کي صرف 7.5 سيڪڙو حصو ملندو، باقي رقم جهازن جي وڌائڻ ۽ ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ لاءِ پي آءِ اي ۾ سيڙپڪاري طور لڳندي ،.گذريل سالن ۾ پي آءِ اي مسلسل نقصان ۾ رهي 2023 ۾ خالص نقصان 75 ارب روپيا.اپريل 2025 ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته 21 سالن بعد پهريون ڀيرو منافعو حاصل ٿيو.پي آءِ اي ۾ 38 جهاز آهن، جن مان صرف 18 آپريشنل آهن،ملازمن جو انگ ساڍا 6 هزار آهي، ان کان اڳ ساڍا 11 هزار ملازم هئا،.ملازمن جي نوڪريون هڪ سال تائين محفوظ آهن، بعد ۾ رضاڪارانه طور تي ملازمت ڇڏڻ لاءِ چئي سگهجي ٿو.ريٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۽ ميڊيڪل بل پي آءِ اي هولڊنگ ڪمپني طرفان ادا ڪيا ويندا.نيويارڪ ۽ پيرس ۾ روزويلٽ ۽ اسڪريب هوٽل شامل نه هوندا.وزيراعظم شهبازشريف پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي سرڪاري اختيارين ۽ نجڪاري ڪميشن جو ٿورو مڃيو،هن زور ڏنو ته ان عمل کي شفاف بڻايو ويو آهي ۽ اها پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي ڏيتي ليتي هوندي،
نيشنلائزيشن پاليسي ملڪ کي نقصان ڏنو؟
اسلام آباد (عمار مسعود ) پي آءِ اي جي نجڪاري جو عمل گهڻو اڳ ٿيڻ گهرجي ها، پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ نقصان ڀٽيجي نيشنلائزيشن واري پاليسي ڏنو. جن ادارن جي دنيا ۾ تعريف ٿيندي هئي اهي اسان لاءِ بار بڻجي ويا، سڀني پنهنجون ڀرتيون ڪيون، پگهارون، پينشن ۽ ميڊيڪل عذاب بڻجي ويو. مفتاح اسماعيل چوندو هو ته رپئي ۾ به اهو وڪرو ڪيو وڃي ته وڪرو ڪريو ڇو ته اهي اربين رپين جو خسارو ڪن ٿا. اها هڪ سٺي اڳڀرائي آهي ته پاڪستان کي 121 ارب رپيا ملندا، امڪان آهي ته عارب حبيب گروپ کي پي آءِ اي ڏنو وڃي.
هاڻي وڏن ادارن ۾ گهڻو ڪجهه باقي ناهي رهيو: شاهد خاقان
اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) حڪومت کي پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائن جي نجڪاري ۾ ڪاميابي ملي آهي. وزيراعظم ۽وفاقي وزيرن ان عمل کي ملڪ ۾ نجڪاري عمل لاءِ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو آهي. اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو چوڻ آهي ته پي آءِ اي گهڻي عرصي کان حڪومت تي بار هئي ۽ نجڪاري سان ادارو بهتر ٿيڻ جا امڪان وڌي ويا آهن. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته هي ٻي ڪوشش هئي، پهرين ڪوشش بري طرح ناڪام ٿي ڇاڪاڻ ته رڳو هڪ ئي ٻولي ڏيندڙ آيو هو ۽ ان جي آڇ به تمام گهٽ هئي. هن چيو ته ان وقت شرطون سخت ۽ سيڙپڪار تي وڏو بار هو، جنهن سبب معاملو اڳتي نه وڌي سگهيو. هن موجب هاڻوڪي معاهدي ۾ حڪومت کي لڳ ڀڳ 25 کان 30 سيڪڙو رقم ملندي، جڏهن ته باقي رقم ڪمپني ۾ ئي لڳندي ۽ لڳ ڀڳ 115 کان 120 ارب رپين جي ذميواري خريد ڪندڙ کڻندو. شاهد خاقان عباسي چيو ته هو ان فيصلي تي خوش آهي، ڇاڪاڻ ته پي آءِ اي ڊگهي عرصي کان حڪومت تي بار هئي. هن ٻڌايو ته 1999 تائين پي آءِ اي حڪومت لاءِ ڪو بار نه هئي، پر بعد ۾ مقابلي وڌڻ سبب نقصان وڌندو ويو ۽ اندازي موجب اڄ تائين لڳ ڀڳ 5 ارب ڊالر جو نقصان ٿي چڪو آهي. هن چيو ته هاڻي مقابلو تمام گهڻو آهي، ملڪ اندر به ۽ ٻاهر به، ان ڪري ايئرلائن هلائڻ ڏکيو ڪاروبار آهي، خاص ڪري پاڪستان جهڙين حالتن ۾، جتي ليز، انشورنس ۽ اثاثا مهانگا آهن. هن موجب مارڪيٽ ننڍي آهي ۽ اڳ ئي ڪيترين ايئرلائينن جو مقابلو موجود آهي. نجڪاري بابت هن چيو ته هر نجڪاري ڪامياب هوندي آهي، ڀلي رقم گهٽ هجي يا وڌيڪ. هن چيو ته هاڻي وڏن ادارن مان گهڻو ڪجهه باقي ناهي رهيو، وڏو بار رڳو ڊسڪوز ۽ ريلوي جهڙا ادارا آهن، جن کي به نجي شعبي حوالي ڪرڻ جي ضرورت آهي.
پي آءِ اي جي نجڪاري خلاف ملازمن جو هيڊ آفيس آڏو ڌرڻو
ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائن (پي آءِ اي) جي هيڊ آفيس جي ٻاهر ملازمن طرفان نجڪاري خلاف احتجاج شروع ٿي ويو۔احتجاج ۾ پي آءِ اي جي ملازمن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي، جن نجڪاري جي فيصلي خلاف شديد نعره بازي ڪئي۔ملازمن جو چوڻ آهي ته، پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ بولي جي عمل شروع ٿيڻ سان ئي انهن جي تحفظات وڌي ويا۔ مظاهرين پلي ڪارڊ ۽ بينر پڻ کڻي آيا هئا، جن تي نجڪاري خلاف نعرا لکيل هئا ۽ حڪومت کان فيصلي تي نظرثاني جو مطالبو ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙ ملازمن جو موقف آهي ته نجڪاري سبب هزارين ملازمن جي روزگار کي خطرو ٿي سگهي ٿو، ۽ قومي ادارو وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ملڪ ۽ اداري ٻنهي جي مفاد ۾ ناهي۔ مظاهرين مطالبو ڪيو ته پي آءِ اي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سڌارا آندا وڃن، نه ته ان کي نجي شعبي جي حوالي ڪيو وڃي۔ياد رهي ته ان کان اڳ پڻ ڪراچي ۾ گذريل رات بلاول هائوس چورنگي تي پيپلز يونٽي جي ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو هنيو هو
اميد آهي ته فوجي فرٽيلائزر اسان سان گڏ هوندو: عارف حبيب
اسلام آباد(بيورو) عارف حبيب گروپ جي چيئرمين عارف حبيب چيو آهي ته اڄ پاڪستان جي ڪاميابي ٿي آهي، ۽ اسان پي آءِ اي کي ٻيهر عظيم بڻائڻ لاءِ محنت ڪنداسين.”اسلام آباد ۾ عارف حبيب ڪنسورشيم طرفان قومي ايئر لائن پي آءِ اي کي خريد ڪرڻ لاءِ 135 ارب رپين جي ڪامياب بولي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي عارف حبيب چيو ته،اڄ جي نجڪاري سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ملندي ۽ ٻاهرين ملڪن مان سيڙپڪار به پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندا.”عارف حبيب چيو ته،حڪومتِ پاڪستان بولي جو ڪامياب انعقاد يقيني بڻايو، جڏهن ته پرائيويٽائيزيشن ڪميشن ۽ ڪابينا کي به هن سموري عمل جو ڪريڊٽ وڃي ٿو.”هن وڌيڪ چيو ته،اسان هن ايئر لائن کي ٻيهر عظيم بڻائڻ لاءِ پوري محنت ڪنداسين، نجڪاري جا وڌيڪ رستا کلي ويندا. هن چيو ته پي آءِ اي جي بحالي پهرين ترجيح هوندي آهي،اميد آهي ته فوجي فرٽيلائزر ان عمل ۾ اسان سان گڏ هوندو،مضبوط ڪنسورشيم آهي.
مقامي سيڙپ ڪاري سان پرڏيهي سرمايو به ايندو: محمد اورنگزيب
اسلام آباد(بيورو)ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته،جيڪڏهن مقامي سيڙپڪار اڳتي ايندا ته غير ملڪي سيڙپڪاري به ايندي پي آءِ اي جي نجڪاري جي موقع تي هن چيو ته،ٻولي ۾ جيڪو به ڪامياب ٿيندو، اصل ۾ پاڪستان جي ڪاميابي هوندي، هن وڌيڪ چيو ته،خوشي جي ڳالهه آهي ته ٻولي لڳائيندڙ ڪمپنيون پاڪستان جون آهن، ۽ قومي ايئر لائن جي نجڪاري سان غير ملڪي سيڙپڪاري کي پڻ فروغ ملندو،محمد اورنگزيب چيو ته،اسان کي پي آءِ اي جا نقصان ختم ڪرڻا آهن، حڪومت چاهي ٿي ته سڀئي ادارا پنهنجي پيرن تي بيهن،هن وڌيڪ چيو ته،اسان کي قومي ملڪيت وارن ادارن جا نقصان گهٽ ڪرڻا آهن، ۽ مائننگ شعبي ۾ به مقامي سيڙپڪاري آڻي سگهجي ٿي.
پي آءِ اي جي نجڪاري معيشت تي وڌندڙ اعتماد آهي
اسلام آباد (بيورو) وزير دفاع خواجا آصف چيو آهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير خطي ۾ استحڪام لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي۔ پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته فيلڊ مارشل جي خطي ۾ اهم ڪردار جو اعتراف فنانشل ٽائمز به ڪري ڇڏيو آهي، ۽ عالمي سياست ۾ پاڪستان جو مثبت ڪردار سامهون آيو آهي۔هن چيو ته سعودي عرب پاران فيلڊ مارشل کي ايوارڊ ڏيڻ وڏي ڪاميابي آهي، ۽ ملڪ ۾ معاشي سڌارا نظر اچي رهيا آهن،پي آءِ اي جي نجڪاري ملڪي معيشت تي وڌندڙ اعتماد آهي،هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني دور ۾ سفارتي تعلقات خراب ٿي ويا هئا، عمران خان ِ آمريڪا کي گهٽ وڌ ڳالهايو، ۽ سعودي عرب سان به لاڳاپا خراب ٿيا.
حڪومت ملڪ جا سمورا اثاثا وڪڻي رهي آهي: عوامي تحريڪ
حيدرآباد (پ ر) پي آءِ اي جي نجڪاري جي مذمت ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، ڄام تماچي ۽ نور نبي پليجي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته نااهل ۽ ڪرپٽ حڪومت ملڪ جا سمورا اثاثا وڪڻي رهي آهي. ملڪ کي آءِ ايم ايف وٽ يرغمال بڻايو ويو آهي. هڪڙي پاسي پي آئي اي سميت مختلف عوامي ادارا وڪرو ڪيا پيا وڃن ته ٻي طرف ملڪ جي 48 لک ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ڪمپنين کي ڏني پئي وڃي. سنڌ سميت ملڪ جون زمينون مقامي هارين کي ڏيڻ بدران ڪمپنين کي ڏيڻ عوام دشمني آهي.