ڪنڌڪوٽ( ممتازسنڌي+عرفان کوسو) ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڊگري ڪاليج ڀرسان محلي مان ڪجھ ڏينھن اڳ پوليس کي ڪار ھٿ آهي ھئي جنھن مان گولا برادري سان تعلق رکندڙ عارف علي گولو ۽ سندس 14 سالن جي پٽ اشعر علي گولو لاپتہ تي ويا هئا جنهن بعد پوليس جاچ شروع ڪري گم ٿيل نوجوان جي ڀاءُ ذيشان گولو کي پنهنجي حراست ۾ ورتو جنهن پوليس وٽ اعتراف ڪندي چيو ته مون پنهنجي ڀاءُ عارف علي گولو ۽ ڀائٽي معصوم اشعر علي کي ماري لاش گڊو برانچ ۾ لوڙھي ڇڏيا آھن ،ذريعي کان خبر پئي آهي ته معاملو ملڪيت تان تڪرار ٻڌايو ويو، جوبدار ذيشان گولو پنهنجي ملڪيت مان حصو به وٺي چڪو هو،جڏهن ته پوليس جوابدار جي گهرن مٿان چڙهائي ڪري 2 عورتن ۽ 2 نوجوانن کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو, جوابدار ذيشان گولو مقتول عارف گولو جو ويڳو ڀاء آهي علائقي ۾ پوليس چڙهائي ۽ گرفتارين ۽ 2 قتل معاملي بعد خوف و حراس ڦهلجي ويو آهي.جڏهن ته ون فائي انچارج خليل لغاري جو چوڻ هو ته جوابدار ذيشان گولو پوليس وٽ اهو اعتراف ڪيو آهي ته هن پنهنجي ويڳي ڀاءُ 40 ورهين جي عارف گولو ۽ 14 ورهين جي اشعر گولو کي قتل ڪيو آهي. اهڙي اعتراف بعد پوليس لاشن جي ڳولا ڪري رهي آهي هن چيو ته جوابدار ٻنهي کي قتل ڪرڻ بعد لاش لڪائي ڇڏيا آهن.هن چيو ته پوليس مٿان ڪابه پريشر ناهي پوليس هن معاملي جي تهه تائين پهچي لاش تحويل ۾ وٺي جوابدار کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو، خليل لغاري جو چوڻ آهي ته اسان مک جوابدار جي اعترافن بعد ڇاپا هڻي عورتن ۽ مردن کي گرفتار ڪيوسين.پوليس گرفتارين بعد جوابدارن نوان انڪشاف ڪيا.جوابدارن اعتراف ڪيو ته اسان 40 ورهين جي عارف گولو ۽ 14 ورهين جي اشعر گولو کي ساڙي باهه ڏئي قتل ڪيو آهي. انهن جا هڏا مليا آهن.جوابدار ذيشان گولو پنهنجي ويڳي ڀاء عارف گولو ۽ سندس معصوم نينگر اشر گولو کي پنهنجي ٻين ساٿين سان گڏجي باه ۾ گهر اندر ساڙي قتل ڪيو آهي.معصوم ٻار اشعر ۽ سندس والد عارف گولو جي ڀيانڪ طريقي سان قتل معاملو سامهون اچڻ بعد پوليس هٿ آيل ٻنهي جا هڏا ميڊيا سامهون ناهن آندا.جڏهن ته پوليس ان معاملي تي جوابدار جي گهر تي چڙهائي ڪندي 2 عورتن ۽ 2 مردن کي گرفتار ڪيو آهي. جڏهن ته قتل ٿيندڙ پيءُ پٽ علائقي جي بااثر سردار محمد صلاح گولو جا سئوٽ آهن جڏهن ته قاتل ذيشان گولو علائقي جي سردار محمد صلاح گولو جو ڄاٽو آهي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو