بغداد (م ڊ) صدر آصف علي زرداري عراق جو دورو ڪري رهيو آهي. ڪربلا جي گورنر ڊاڪٽر نصف جاسم الخطابي صدر آصف علي زرداري جي مان ۾ مانجهاندو ڏنو. ان موقعي تي ثقافتي، سياحت ۽ تاريخي ماڳن جي تحفظ سميت گڏيل دلچسپي جي شعبن تي ڳالهيون ٿيون، صدر ٻنهي ملڪن وچ ۾ جٽادار سهڪار جي اهميت تي زور ڏنو. صدر چيو ته هڪ اهڙي شهر ۾ رهڻ اعزاز آهي جيڪو اسلام جي ڪجهه انتهائي احترام جوڳن مقامن جي ميزباني ڪري ٿو. دوري دوران شيري رحمان، سليم مانڊوي والا، سردار سليم حيدر خان، شرجيل انعام ميمڻ، ناصر حسين شاهه به ساڻس گڏ آهن. ان کان اڳ صدر آصف علي زرداري نجف ۽ ڪوفي ۾ مقدس ماڳن تي حاضري ڀري ۽ فاتحه خواني ڪئي. صدر نجف ۾ حضرت علي رضه جي روضي مبارڪ تي حاضري ڏني، مسجد ڪوفا ۾ نفل ادا ڪيا ۽ ٻيون زيارتون ڪيون.