ڪراچي( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سهراب ڳوٺ ٽائون جي رٽائرڊ ڊائريڪٽر ايڊمن جي پينشن ۽ ٻيون رهتون نه ملڻ خلاف درخواست تي ڌرين کان ٽن هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو،درخواستگذار جي وڪيل عثمان فاروق موقف اختيار ڪندي چيو آهي ته درخواستگذار ملڪ غلام محمد 27 سال سروس ڪرڻ بعد آگسٽ 2024 ۾ رٽائر ٿيو، مڪاني کاتي جي هدايت باوجود سهراب ڳوٺ ٽائون رهتون ادا نه ڪري رهيو آهي، انتظاميه بد انتظامي جي نشاندهي تي انتقامي ڪارروائي ڪندي چيئرمين ٽي ايم سي پاران 8 مهينن جي پگهار روڪي آهي،چيئرمين ٽي ايم سي لالا رحيم درخواستگذار جي آفيس ۾ داخلا به بند ڪري ڇڏيآهي, جعلي رڪارڊ ٺاهي غير حاضري جي بنياد تي برطرفي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو, جڏهن ته ٽائون انتظاميه کي گريڊ 16 جي آفيسر جي برطرفي جو اختيار ناهي.