ڪراچي بار جون چونڊون هڪ ڀيرو ٻيهر رولڙي جو شڪار

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي بار ايسوسيئيشن جون چونڊون هڪ ڀيرو ٻيهر غير يقيني صورتحال جو شڪار ٿي ويون آهن، جڏهن ته چيف اليڪشن ڪمشنر حق نواز ٽالپر پنهنجي عهدي تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.ذريعن موجب، استعفيٰ کان پوءِ چونڊ عمل مڪمل طور معطل ٿي ويو آهي، جڏهن ته نئين اليڪشن ڪمشنر جي مقرري تائين چونڊن جي مستقبل بابت ڪو به حتمي فيصلو سامهون ايندو، ڪراچي بار جي ميمبرن ۾ هن صورتحال سبب ڳڻتي وڌي وئي آهي.بار اڳواڻن جو چوڻ آهي ته بار چونڊون جمهوريت جو اهم حصو آهن، انهن ۾ دير سان وڪيل برادري جي مسئلن ۾ اضافو ٿيندو. جڏهن ته ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي اڳواڻن جو هنگامي اجلاس سڏائڻ جو امڪان پڻ ظاهر ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ ايندڙ حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي.واضح رهي ته ڪراچي بار جون چونڊون اڳ به مختلف سببن ڪري ملتوي ٿينديون رهيون آهن، ۽ هاڻي چيف اليڪشن ڪمشنر جي استعفيٰ کان پوءِ صورتحال وڌيڪ پيچيده ٿي وئي آهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.