اڏيرولال/مٽياري(نمائندا) اڏيرولال وليج ۾ ماڳ گلوبل ميرج ھال ۾ تعليمي جاڳرتا جي عنوان سان جلسه عام ٿيو. جنھن ۾ قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو مھمان خاص طور شريڪ ٿيو. پروگرام ۾ سيد افراز علي شاھ، سعيد احمد عمراڻي، دانيال بشير احمداڻي، سيد صفدر علي شاھ، پرنسپل دلبر اوڏ، الطاف خاصخيلي، ايس جي ايس ٽي اڳواڻ فضا ملاح، فريد حسين ملاح، ماجد خاصخيلي ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ھئا. جلسه عام کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪمرانن کي ڀنگ جي موالي وانگر ترميم وقت سڀ ڪجھ وسري ويندو آهي. سنڌ ۾ حڪومت نہ پر بادشاھ قائم آهي عوام جي راءِ حقن، مسئلن کي مڪمل طور نظر انداز ڪيو پيو وڃي سنڌ جي زراعت تباھي ڪناري پھتل آهي آباد گار ڀاڻ، ٻج، فصلن جي مناسب اگھن کان محروم آهن. سنڌ کي درپيش چئلينجز جو علم ۽ ميرٽ سان مقابلو ڪري سگھجي ٿو. ڪرپشن سنڌ کي دنيا جي ترقي کان سئو سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي. نوجوان تعليم لاءِ وڏن شھرن ۾ وڃن، لائبريرين ۾ وڃي تياريون ڪن. ميرٽ لاء سڄي دنيا توھان جي آجيان ڪرڻ لاء تيار آھي. حڪمران چاھين ٿا تہ سنڌ ۾ منشيات ۽ ڏوھ ھجن.يونيورسٽيون يرغمال آھن، علم يرغمال آھي. ڊگريون ۽ نوڪريون منافعي بخش ڪاروبار بنجي ويو آھي. حڪومت نوجوانن جي اميدن کي قتل ڪيو آھي. سنڌ جا نوجوان مايوس ٿيڻ بدران علم جي طاقت سان اڳتي اچن. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڻي تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪرپشن، بدامني لاقانونيت ،ميرٽ جي لتاڙ، وسيلن جي ڦرلٽ ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف مسلسل اڻٿڪ ۽ ڊگهي جدوجهد جي ضرورت آهي. هن چيو تہ ملڪ جي ترقي جي نالي ۾ سنڌ کي تباھ ۽ برباد نہ ڪيو وڃي.پيپلزپارٽي سنڌ جا وسيلا، درياھ ۽ لکين ايڪڙ زمين جو سودو ڪري چوٿون ڀيرو اقتدار ورتو آھي پيپلزپارٽي سنڌو درياھ، ڪوئلو، گئس، ساحلي پٽي، گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ جون ھزارين ايڪڙ زمينون، ٻيٽ، ڪارونجھر، ۽ ٻيا وسيلا وڪڻي ڇڏيا. پيپلزپارٽي جي غلط ۽ سنڌ دشمن پاليسين جي ڪري سنڌ عذاب مان گذري رهي آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ مٽياري ۾ يونيورسٽي قائم ڪئي وڃي. وڏن شھرن کي آئي ٽي سٽي بنايو وڃي. سنڌ جي يونيورسٽين کي عالمي معيار جو بنايو وڃي. هن چيو تہ سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي تيل، گئس، ڪوئلو سميت ٻي معدنيات آهي زراعت، سمنڊ، جبل، درياء ۽ بندرگاھ آهن اھڙن ڌرتي وسيلن وارا رياستون ۽ ملڪ ترقي يافته ۽ خوشحال آهن پر سنڌ جو عوام ڪرپٽ مافيا جي ڪري عذاب واري زندگي گذاري رهيو آهي ۽ 18 سالن کان سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ پيپلزپارٽي جا حڪمران خوشحال آهن. ڪرپٽ حڪمرانن سنڌ کي ويران حويلي بڻائي ڇڏيو آهي.