ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ شهر جي 25 اهم رستن تي ٻن ۽ چار سيٽر رڪشائن جي هلڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. شهري انتظاميه پاران ٽريفڪ جي رواني ۾ بهتري لاءِ هي قدم کنيو ويو آهي، جاري ڪيل نوٽيفڪيش موجب قلم 144 تحت 21 فيبروري تائين 25 اهم ۽ مصروف رستن تي رڪشا هلائڻ تي پابندي برقرار رکندي، ڊي آءِ جي ٽريفڪ جي سفارش تي اها پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ رڪشائن جي هلڻ کي روڪڻ جو مقصد ٽريفڪ جي رواني کي بهتر بڻائڻ آهي.