بغداد (م ڊ) صدر آصف علي زرداري بغداد ۾ امامن جي روضن تي حاضري ڀري، آصف علي زرداري حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني رحه جي مزار تي فاتحه خواني ڪئي ۽ ڪاظميه مقدسا ۾ امام موسيٰ ڪاظم ۽ امام محمد تقيٰ الجواد جي روضن تي پڻ حاضري ڏني، صدر آصف زرداري روضا ڪاظميه ۾ مسلمان امت لاءِ امن، اتحاد ۽ سلامتي جي دعائون ڪيون، صدر زرداري زائرين جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر پڻ لکيا، ان کان سواءِ صدر زرداري امام اعظم ابو حنيفا جي مزار تي پڻ حاضري ڏني، هن سڀني مزارن جي انتظام سنڀاليندڙ ۽ مبلغين سان ملاقات ڪئي.