ڪراچي ۾ 25 اهم رستن تي 2 ۽ 4 سيٽر رڪشن تي پابندي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ شهر جي 25 اهم رستن تي ٻن ۽ چار سيٽر رڪشائن جي هلڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. شهري انتظاميه پاران ٽريفڪ جي رواني ۾ بهتري لاءِ هي قدم کنيو ويو آهي، جاري ڪيل نوٽيفڪيش موجب قلم 144 تحت 21  فيبروري تائين 25 اهم ۽ مصروف رستن تي رڪشا هلائڻ تي پابندي برقرار رکندي، ڊي آءِ جي ٽريفڪ جي سفارش تي اها پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ رڪشائن جي هلڻ کي روڪڻ جو مقصد ٽريفڪ جي رواني کي بهتر بڻائڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.