عدالتي بالادستي ختم ڪئي وئي، وس پڄي ته آئين به معطل ڪري ڇڏيو ها:جسٽس عاليا نيلم

لاهور (بيورو) چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ عاليا نيلم هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف سيڪريٽري پنجاب کي مخاطب ڪندي رمارڪس ڏنا ته توهان عدالتي بالادستي ختم ڪري ڇڏي آهي، جيڪڏهن توهان جو وس پڄي  ها ته توهان آئين کي به معطل ڪري ڇڏيو ها. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پنجاب پراپرٽي اونرشپ آرڊيننس خلاف داخل درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس عاليا نيلم عابدا پروين ۽ ٻين جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت پنجابپراپرٽي اونرشپ آرڊيننس تي عمل درآمد روڪي ڇڏيو، عدالت سڀني درخواستن تي اعتراض ختم ڪيا ۽ فل بينچ ٺاهڻ جي سفارش ڪئي، عدالت پراپرٽي اونرشپ آرڊيننس تحت ڏنل ملڪيتون واپس ڪري ڇڏيون. عدالتي حڪم تي چيف سيڪريٽري پنجاب عدالت آڏو پيش ٿيو، چيف جسٽس عاليا نيلم رمارڪس ڏنا ته حڪومت کي ٻڌايو ته هي قانون رهيو ته جاتي امرا به اڌ ڪلاڪ ۾ خالي ڪرايو ويندو.  عدالت سرڪاري وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان ٻڌايو، ايڊووڪيٽ جنرل ڇو ناهي آيو؟ سرڪاري وڪيل جواب ڏنو ته ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب بيمار آهي، ان لاءِ ناهي آيو، چيف جسٽس عاليا نيلم رمارڪس ڏنا ته مان به بيمار آهيان، مون کي بيڊ ريسٽ جو چيو ويو آهي پر هتي ويٺي آهيان. چيف جسٽس چيو ته چيف سيڪريٽري صاحب لڳي ٿو اوهان هي قانون ناهي پڙهيو، لڳي ٿو ته ڪجهه ماڻهن جي خواهش آهي ته کين سڀ اختيار ڏنا وڃن، هي قانون ٺهيو ڇو آهي؟ ان جو مقصد ڇا آهي؟ چيف جسٽس سوال اٿاريو ته جڏهن ڪو معاملو سول عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ هجي ته هڪ روينيو آفيسر ڪيئن ملڪيت جو قبضو منتقل ڪري سگهي ٿو؟ هن وڌيڪ نشاندهي ڪئي ته جيڪڏهن قانون تحت ڊپٽي ڪمشنر ڪنهن شخص جي گهرو جو قبضو ڪنهن بئي کي ڏئي ڇڏي ته متاثر فرد کي اپيل جو حق به ناهي، نئين قانون ۾ هاءِ ڪورٽ کي به اهڙن معاملن ۾ اسٽي ڏيڻ جو اختيار ناهي ڏنو ويو. عدالت معاملي جي وڌيڪ ٻڌڻي لاءِ فل ڪورٽ ٺاهڻ جي سفارش ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته پنجاب پروٽيڪشن آف اونرشپ آف امووايبل پراپرٽي آرڊيننس 2025 تحت ڊپٽي ڪمشنر جي سربراهي ۾ قائم ڪميٽين کي ملڪيت جي تڪرار وارن فيصلن جو اختيار ڏنو ويو هو. درخواستن ۾ آرڊيننس تحت ملڪيتن بابت ڪيل فيصلن کي چئلينج ڪيو ويوهو. عبوري حڪم ذريعي نئين قانون تحت ملڪيتن جو قبضو کسڻ بابت سڀ فيصلا معطل ڪيا ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.