سنڌ پاڪستان سان دل جيان آهي، صوبو پاڪستان ۾هو، آهي ۽ رهندو: بلاول ڀٽو

ڄامشورو (رپورٽ: صدرالدين جوڻيجو ) ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ 63هون والدين جو ڏهاڙو ملهايو ويو، تقريب ۾ پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خاص مهمان طور شريڪ ٿيو، جڏهن ته سنڌ جو وڏو وزيرسيد مراد علي شاهه، ايم اين ملڪ اسد سڪندر، ملڪ سڪندر، ڪمشنر فياض حسين عباسي، ڊي سي، ڪيڊٽن جا والدين ۽ ڪيڊٽ شريڪ هئا. بلاول ڀٽو زرداري کي ڪيڊٽن پاران گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. تقريب ۾ پي ٽي شو، جمناسٽڪ ۽ گهوڙي سواري سوڌو ٻين مهارتن جو مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي هن پرنسپل ڪيڊٽ ڪاليج ڪموڊور فيصل اقبال قاضي سان پريڊ جو معائنو ڪيو ۽ ڪيڊٽ ڪاليج جي فيڪلٽي ميمبرن سان ملاقات به ڪئي. پرنسپل ڪموڊور فيصل اقبال قاضي پاران تقريب ۾ سالياني رپورٽ پيش ڪئي وئي. تقريب دوران پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ شاگردن ۾ انعام پڻ ورهايا. پنهنجي خطاب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سندس والد آصف علي زرداري کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هو پاڪستان جو واحد سويلين صدر آهي جيڪو 2 ڀيرا چونڊيو ۽ کيس اهو منفرد مقام به حاصل آهي جو هن ساڍا 13 سال سياسي قيد ۾ گذاريا.  هن چيو ته هي ادارو سندس خاندان لاءِ ذاتي اهميت رکي ٿو ڇو ته سندس والد به ڪڏهن هن ئي مقام تي بيٺو هو، ڪيڊٽ ڪاليج ۾ شاگردن کي اهو سيکاريو وڃي ٿو ته نظم و ضبط سزا نه پر آزادي آهي، تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ اسان جي ترجيح آهي، نوجوان اسان جو مستقبل آهن. بلاول موجب، سنڌ هميشا پاڪستان جي ڪهاڻي جو دل رهي آهي. مان دعا ڪريان ٿو ته سنڌ هن ملڪ کي اهڙا اڳواڻ ڏئي جيڪي اصولن سان لاڳاپيل آهن. جڏهن وطن آواز ڏئي ته اوهان کي همت سان جواب ڏيڻو آهي. هن چيو ته پاڪستان اڄ اهم اڳڀرائي تي بيٺو آهي جنهن کي هر نسل ڏٺو آهي ۽ ان کي معاشي دٻاءُ، علائقائي غير يقيني صورتحال ۽ تيزي سان تبديل ٿيندڙ دنيا جهڙا چئلينج آهن. هن هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي مهارت، تياري ۽ اتحاد جي ساراهه ڪندي چيو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري جو دفاع ڪندي واضح عسڪري ۽ اخلاقي ڪاميابي حاصل ڪئي. قومن جي طاقت رڳو هٿيارن سان نه پر ڪردار ۽ اصولن سان ماپي وڃي ٿي. هن ڪيڊٽس کي مخاطب ڪندي چيو ته سڀاڻي جو پاڪستان انهن جي قيادت ۾ ٺهندو جيڪي ديانت، خدمت ۽ جرئت کي ترجيح ڏيندا. هن چيو ته جڏهن رستو واضح نه هجي ته ديانت جي چونڊ ڪريو، دٻاءُ هجي ته نظم و ضبط تي ڀروسو ڪريو ۽ جڏهن وطن پڪاري ته جرئت سان لبيڪ چئو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.