لاڙڪاڻو، ڄاڃين جي بس مٿان ويٺل 2 نوجوان ڪرنٽ سبب فوت

لاڙڪاڻو (رپورٽ: علي ساجد تنيو) لاڙڪاڻي ڀرسان ڄاڃين جي بس سان دل ڏاريندڙ حادثو، 2 نوجوان بجلي جي تارن ۾ وچڙي فوت ٿي ويا، لاڙڪاڻي جي حدن اندر شادي تقريب لاءِ ويندڙ ڄاڃين جي بس مقرر رستي تان گذري رهي هئي ته بس جي ڇت تي ويٺل ٻه نوجوان مٿان لنگهندڙ11 هزار وولٽ جي هاءِ ٽينشن بجلي جي تارن ۾ وچڙي ويا، ڪرنٽ لڳڻ سان ٻنهي نوجوانن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هنن دم ڏئي ڇڏيو، فوت ٿيل نوجوانن جي سڃاڻپ ثقلين جتوئي ۽ بلاول جتوئي طور ٿي، فوتين جو تعلق هڪ ئي علائقي سان ٻڌايو وڃي ٿو، واقعي بعد شادي تقريب فوري طور ملتوي ڪئي وئي، فوتين جي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو، وارثن ۽ علائقي واسين انتظاميا ۽ بجلي جي عملدارن تي ڪاوڙ ڪندي چيو ته شهر، ڳوٺاڻن علائقن مان هيٺ لٽڪيل هاءِ ٽينشن تارون فوري طور درست ڪيون وڃن، جيئن مستقبل ۾ اهڙا دل ڏاريندڙ حادثا روڪي سگهجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.