معاشري ۾ اخلاقي ۽ تهذيبي ڏڦيڙ آهي، شعور جي جاءِ گوڙ وٺي ڇڏي\چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ظفر احمد راجپوت چيو آهي ته معاشرت ۾ اخلاقي ۽ تهذيبي ڏڦيڙُ آهي ۽ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان شعور جي جڳهه گوڙ وٺي چڪو آهي، محتسب اعلي’ سنڌ پاران نيشنل ورڪنگ وومين جي حوالي سان مقامي هوٽل ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، خصوصي مهمان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ظفر احمد راجپوت خطاب ڪندي چيو ته معاشري ۾ فضيلت جو دارومدار صرف فرد جي ڪردار تي آهي، اسان نکارڻ بدران وکرجي ويا آهيون، جسٽس ظفر احمد راجپوت وڌيڪ چيو ته مردن کي عورتن تي جنس جي بنياد تي ڪا فضيلت حاصل ناهي، هن وڌيڪ چيو ته دنيا جي سڀ کان دلڪش تخليق عورت آهي ۽ آئين ۽ قانون ۾ عورتن جي حقن کي انساني حقن جو حصو تسليم ڪيو ويو آهي، هن وڌيڪ چيو ته عورتن جي حقن کي هر معاشري ۾ اهميت ڏني وئي آهي ۽ مساوات ۽ انصاف جي بنيادي اصولن تحت آئين عورتن کي اهي حق ڏنا آهن، آئين جو آرٽيڪل 25 جنس جي بنياد تي فرق ڪرڻ کان منع ڪري ٿو، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چوڻ هو ته ملڪ جي معاشي ۽ سماجي پاليسيون صرف تڏهن پائيدار ٿي سگهن ٿيون جڏهن عورتن جي مڪمل شموليت کي يقيني بڻايو وڃي، جيڪڏهن اڌ آبادي کي ترقي جي عمل ۾ نظرانداز ڪيو ويو ته ترقي ممڪن ناهي، آئين تحت عورتن جي سڀني شعبن ۾ شموليت کي يقيني بڻائڻ رياست جي ذميواري آهي، جسٽس ظفر احمد راجپوت چيو ته ماءُ پٽ کي پليٽ  ۾ ٻوتيون ڏيندي آهي پر ڌيءَ کي پرايو ناڻو سمجهي اهو حق ناهي ڏيندي،  اهو احتساب اسان جي گهر کان شروع ٿيندو آهي، اجتماعي روين ۾ تبديلي جو آغاز گهر کان ڪرڻ ضروري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.