پي آءِ اي جي اڄ نجڪاري، سوين ملازمن جو ڌرڻو

ڪراچي (رپورٽر)پي آءِ اي کي خانگائڻ لاءِ انتظامات آخري مرحلن  ۾ داخل ٿي وئي، خانگي ملڪيت ڪميشن پي آءِ اي جي نجي ملڪيت ۾ دلچسپي رکڻ واري ڪمپنين کي اڄ ٻولي لڳائڻ جي باضابطه دعوت ڏئي چڪي آهي، پي آءِ اي جا مجموعي اثاثا 150 ارب کان 190 ارب رپين تائين آهن، پي آءِ اي وٽ 34 جهاز ۽ 90 کان وڌيڪ روٽس موجود آهن، جن ۾ 45  عالمي ۽ 25 ڊوميسٽڪ پروازون شامل آهن، جيڪي روزانو آپريٽ ڪيون وڃن ٿيون. پي آءِ اي 18 انٽرنيشل  ۽ 13 ڊوميسٽڪ روٽس تي اڏامون هلائي رهيو آهي، پي آءِ اي ۾ مجموعي طور تي ساڍا 9 هزار ملازم آهن، جن ۾ 6،000 کان وڌيڪ مستقل مالزم ۽ باقي ڪانٽريڪٽ يا ڊيلي ويجز تي ڪم ڪندڙ آهن، پي آءِ اي جلد لنڊن ۽ برمنگھم لاءِ اڏامون شروع ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو، حڪومت پي آءِ اي جا 51 کان 100 سيڪڙو شيئرز وڪڻڻ جو ارادو رکندي آهي، جڏهن ته پي آءِ اي جا آمريڪا ۾ روزويلٽ ۽ فرانس ۾ اسڪرائب هوٽل موجود آهن، ٻئي پاسي پي آءِ اي ملازم اداري کي خانگائڻ واري اعلان خلاف بلاول هائوس چورنگي وٽ پهچي ويا، احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ڪراچي ۾ بلاول هائوس چورنگي تي پي آءِ اي ملازمن ۽ پيپلز يونٽي جي ڪارڪنن وڏي انگ گڏ ٿي پي آءِ اي کي خانگائڻ خلاف احتجاجي ڌرڻو هنيو، هدايت الله خان ۽ ٻين چيو ته ڪراچي پريس ڪلب ۾ اڳ ۾ ئي واضع ڪيو هو ته پي آءِ اي جي نجڪاري نه پئي ٿئي پر ان کي پاڻ خريد ڪيون پيا، بلاول هائوس آيا آهيون ته بلاول ڀٽو زرداري کي ٻڌائي سگهون ته اسان ان جا سپاهي آهيون، بلاول ڀٽو چاهي ته پي آءِ اي جي نجڪاري روڪي سگهي ٿو، ضرورت پئي ته اداري کي بچائڻ لاءِ عالمي انصاف واري عدالت  سان به رابطو ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.