راولپنڊي/ رياض (م ڊ) فيلڊ مارشل عاصم منير کي سعودي عرب جي اعليٰ ترين اعزاز سان نوازيو ويو، آءِ ايس پي آر موجبچيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سعودي عرب جي سرڪاري دوري دوران بچاءَ واري وزير شهزادي خالد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جن ۾ علائقائي سلامتي جي صورتحال، دفاعي ۽ عسڪري سهڪار، اسٽريٽجڪ ڀائيواري جو عمل ۽ وڌندڙ جاگرافيائي چيلينج شامل هئا. دوري دوران خادم الحرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي فرمان تحت فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي سعودي عرب جو اعليٰ ترين قومي اعزاز ڪنگ عبدالعزيز ميڊل آف ايڪسيلينس به عطا ڪيو ويو، ملاقات دوران، ٻنهي ڌرين پاڪستان ۽ سعودي عرب جي تاريخي لاڳاپن، دفاعي سهڪار ۽ عالمي امن و سلامتي جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، هلندڙ سال اسلام آباد ۽ رياض وچ ۾ هڪ اسٽرجيڪ ڊفينس معاهدو طئي ڪيو ويو، جنهن موجب ڪنهن هڪ ملڪ تي حملو ڪرڻ کي ٻنهي ملڪن خلاف جارحيت تصور ڪيو ويندو.