ڪراچي بار جون چونڊون ٻيهر ملتوي ٿي ويون

ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي بار ايسوسيئيشن جون 23 ڊسمبر تي ٿيندڙ چونڊون ٻيهر ملتوي ٿي ويون، اليڪشن ڪمشنر حق نواز ٽالپر 17 جنوري 2026ع تي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، چيف اليڪشن ڪمشنر جو چوڻ آهي ته هي فيصلو سڀني اميدوارن سان ملاقات ڪرڻ کان پوءِ ڪيو ويو، ڪراچي بار جون 18 ڊسمبر تي ٿيندڙ چونڊون پاڪستان بارڪائونسل جي چونڊن جي ڪري ملتوي ڪيون ويون، جڏهن ته نئين اليڪشن ڪمشنر جي مقرري کان پوءِ، تاريخ 23 ڊسمبر مقرر ڪئي وئي هئي، ان کي به ملتوي ڪيو ويو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر حق نواز ٽالپر چيو آهي ته مشاورت کان پوءِ چونڊون ملتوي ڪيون ويون آهن، هاڻ 17 جنوري 2026 تي ڪراچي بار جون چونڊون ٿينديون.

  1. نواز شريف رڳو آئيني ترميمن جي منظوري لاءِ قومي اسيمبلي اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي

اسلام آباد (بيورو) مسلم ليگ ن جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف قومي اسيمبلي جي 22 اجلاسن مان رڳو 2 اجلاسن ۾ 6 ڏينهن شرڪت ڪئي آهي. رڪارڊ موجب نواز شريف 29 فيبروري 2024 کان هن وقت تائين قومي اسيمبلي مان 153 ڏينهن غير حاضر رهيو. هو بجيٽ اجلاس ۽ پارليامينٽ جي ٻنهي گڏيل اجلاسَن ۾ به شرڪت نه ڪري سگهيو. رڪارڊ موجب قومي اسيمبلي جا ڪُل 159 ڏينهن اجلاس هليا، جن مان نواز شريفرڳو 6 ڏينهن حاضر رهيو. 26هين آئيني ترميم دوران هو 2 ڏينهن ۽ 27هين آئيني ترميم دوران 1 ڏينهن قومي اسيمبلي اجلاس ۾ حاضر رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.