ڪراچي(امداد سومرو)پاڪستان جي اڳوڻي صدر،اڳوڻي سينيٽ چيئرمين محمد ميان سومرو جي ڀاڻيجي بئريسٽر فهد ملڪ جي قتل ڪيس ۾ قاتل کي بچائڻ لاءِ طاقتورن ڳٺ جوڙ ڪري ورتو،فهد ملڪ کي ٻن ڌرين ۾ ٺاهه ڪرائڻ جي ڪوشش دوران قتل ڪيو ويو هو،هن جي قتل ۾ اسلام آباد ۽ پنڊي ۾ قبضا ڪندڙ تاجي گينگ سان تعلق رکندڙ راجا ارشد ۽ ٻه ٻيا ساٿي ملوث هئا،راجا ارشد افغانستان فرار ٿيندي گرفتار ڪيو ويو،سيشن ڪورٽ اسلام آباد قاتل کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ۽ اهو قاتل2016ع کان اڊيالا جيل ۾ بند آهي،هن خلاف ڪراچي جي ٻن ٿاڻن ۾ چيڪ بائونس جو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي،هڪ مشڪوڪ شخص جي فرياد تي ايف آءِ آر ڪرائي وئي،سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته هڪ جوابدار اڊيالا جيل ۾ بند آهي،هو چيڪ ڏئي ٿو ۽ چيڪ بائونس به ٿي وڃي ٿو،سنڌ جي اڳوڻي گهرو سيڪريٽري ان سموري ڪيس جي ذاتي طور نگراني ڪئي ۽ قاتل کي اڊيالا جيل مان ملير جيل منتقل ڪرايو،ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته قاتل کي ملير جيل سنڌ جي اهم ترين شخصيت ۽ وفاق ۾ اهم آئيني عهدي تي ويٺل شخصيت جي ڪاروباري ڀائيواري ۽ سنڌ جو ڊي فيڪٽو وڏو وزير سڏرائيندڙ شخصيت منتقل ڪرايو آهي،جڏهن ته ان ڪڌي ڪم ۾ سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪندڙ گهرو سيڪريٽري کي رٽائرڊ ٿيڻ بعد انعام ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر مقرر ڪيو ويو،جڏهن ته قاتل کي جناح اسپتال جي وي آءِ پي وارڊ ۾ ڪمرو ڏنو ويو جتي هن جي اسپتال جي مرحوم ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سان دوستي ٿي وئي،قاتل ڪڏهن ملير جيل ته ڪڏهن جناح اسپتال جي وي آءِ پي وارڊ ۾ موجون ڪندو رهيو،مقتول وڪيل فهد ملڪ جي وارثن ان عمل تي اعليٰ عدليه کي اپيلون ڪيون،اسٽيبلشمينٽ کي به درخواستون موڪليون جنهن بعد گذريل ڏينهن. قاتل کي روڊ رستي اڊيالا جيل واپس منتقل ڪيو پئي ويو،جنهن کانپوءِ سنڌ ۾ سسٽم هلائيندڙ ڌريون وري سرگرم ٿي ويون،اهم ڪاروباري شخصيت سنڌ ۾ اهم آئيني عهدو رکندڙ ۽ جيل هلائيندڙ شخصيت سان رابطا ڪيا ۽ ٻاهرين ملڪ ويل اهم آئيني شخصيت سان به فون تي ڳالهايو ،وفاقي گهرو وزير سان رابطو ڪري کيس چيو ويو ته قاتل ڪنهن به صورت ۾ راولپنڊي داخل نه ٿئي،ان عمل ثابت ڪيو ته مقتول جي مظلوم امڙ،هڪ مظلوم ڀاءُ جي آهن،دانهن ۽ سُڏڪن تي ڪنهن تي به اثر نه پيو،مظلوم خاندان ٻيهر مجبور ٿي فيلڊ مارشل ۽ آءِ ايس آءِ سربراهه کي مداخلت جي اپيل ڪئي آهي.