هوسڙي ٿاڻي ۾ چوري ڪيس ۾ لاڪ اپ ٿيل نوجوان مبينا تشدد سبب فوت

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ مبينه تشدد جو نشانو بڻيل نوجوان ٿاڻي جي لاڪ اپ ۾ فوت ٿي ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته 25 سالن جو اسحاق هوسڙي پوليس ٿاڻي ۾ فوت ٿي ويو آهي. جنهن جو لاش سول اسپتال حيدرآباد ۾ پهچايو ويو، نوجوان هوسڙي واري علائقي جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي، نوجوان کي 24 ڪلاڪ پهرين ڳئون جي مالڪ کيس هڪ چوري جي ڪيس ۾ پڪڙيو ۽ پوليس جي حوالي ڪرڻ کان اڳ تشدد جو نشانو بڻايو هو، پوليس ترجمان موجب نوجوان کي ٿاڻي تي آندو ويو جتي سندس حالت خراب ٿي وئي کيس علاج لاءِ سول اسپتال پهچايو ويو جتي هو فوت ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.