سياسي پارٽيون حقيقت آهن، ڪير ڪنهن کي مائنس نٿو ڪري سگهي: سعد رفيق

لاهور (عوامي آواز رپورٽ) ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته ڪير به ڪنهن جي سياست ختم نٿو ڪري سگهي، ڪير ڪنهن کي مائنس نٿو ڪري سگهي، سياسي پارٽيون حقيقت هونديون آهن. نامياري صحافي حامد مير جي ڪتاب جي مهوريت واري تقريب ۾ خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته هن ملڪ ۾ قومي سلامتي ۽ غداري جا سرٽيفڪيٽ ورهايا ويندا رهيا آهن، خبر ناهي اهو سلسلو ڪڏهن ختم ٿيندو. مون پنهنجي زندگي مان سکيو آهي ته جيستائين اسان پنهنجين غلطين تي شرمسار نه ٿينداسين، اڳتي نٿا وڌي سگهون. سياستدان، جرنيل، جج، سڀ پنهنجي ڪيل غلطين جو اعتراف نٿا ڪن. جيستائين هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ نه سکنداسين، هي ملڪ لوڏن ۾ رهندو. سياسي جماعتن کي پنهنجي اندر جمهوريت آڻڻي پوندي، ڇو ته جمهوريت کان سواءِ اڳڀرائي ممڪن ناهي. سندس چوڻ هو ته اسان هڪ ٻئي کي خراب ڪرڻ لاءِ ٻئي جا پير وڍي پنهنجو قد وڌائڻ واريون حرڪتون ڪندا رهيا آهيون، پر ملڪ ۾ دائري جو سفر جاري آهي، ملڪ کي منزل تائين پهچڻو آهي ته سوچ تبديل ڪرڻي پوندي. ملڪي سياسي پارٽيون مقبول هجن يا غيرمقبول، سڀني کي هڪ ڏينهن گڏجي ويهڻو پوندو ۽ ميثاق جمهوريت ڪرڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.