ڪراچي (رپورٽر) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) اميگريشن پاران اسٽاپ لسٽ ۾ نالو شامل هجڻ سبب ميونسپل ڪمشنر ڪراچي افضل زيدي کي پرڏيهه وڃڻ کان رويو ويو ۽ ترڪي وڃڻ واري اڏام مان کيس آف لوڊ ڪيو ويو، ذريعن موجب افضل زيدي گذريل رات ترڪش ايئرلائن جي اڏام ذريعي ڪراچي کان استنبول وڃي رهيو هو پر اميگريشن ڪائونٽر عملدارن اسٽاپ لسٽ ۾ نالي سبب هُن کي سفر جي اجازت نه ڏني ۽ اڏام مان کيس ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، اميگريشن عملدارن ميونسپل ڪمشنر کي چيو ته اوهان جو نالو اسٽاپ لسٽ ۾ شامل آهي، توهان پهريان اسٽاپ لسٽ مان نالو ڪڍرائي يا عدالت کان اجازت وٺي پوءِ ٻاهرين ملڪ سفر ڪري سگهو ٿا، ذريعن موجب مختلف الزامن جي تحت درجنين آفيسر کي خصوصي واچ لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.