دبئي (ويب ڊيسڪ) انڊر 19 ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ پاڪستان روايتي مخالف ڀارت کي 191 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي ٽائيٽل کٽي ورتو.
دبئي ۾ ڀارتي انڊر 19 ٽيم ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو ۽ پاڪستان پهريان بيٽنگ ڪندي 8 وڪيٽن جي نقصان تي 347 رنسن جو جبل بيهاري ڇڏيو.
پاڪستان طرفان سمير منهاس جارحاڻي بيٽنگ ڪندي 113 بالن تي 172 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، هن 17 چوڪا ۽ 9 ڇڪا هنيا، احمد حسين 56، عثمان خان 35، ڪپتان فرحان يوسف 19، محمد سيام 13، شفيق 12 رنسون ٺاهيون.
جواب ۾ ڀارتي ٽيم 26.2 اوورن ۾ 156 رنسن تي ڍير ٿي وئي، ديپيش دويندرن 36، سورياونشي 26 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
پاڪستان طرفان علي رضا 4، محمد سيام، عبدل سبحان ۽ حذيفه احسن 2-2 وڪيٽون ورتيون.
ڀارت کي 191 رنسن تان عبرتناڪ شڪست، پاڪستان انڊر 19 ايشيا ڪپ جو چيمپيئن بڻجي ويو
You might also like