ڏهرڪي (رپورٽ:اجيت ڪمار) ڏهرڪي ۾ ڪاروڪاري جي الزام هيٺ نوجوان تي ٻه معصوم ڀينرون سنڳ چٽي ڪرڻ ۽ ڏهه لک روپيا ڏنڊ لاڳو ڪرڻ واري غيرقانوني جرڳي جي فيصلي تي ڊي آءِ جي سکر رينج سخت نوٽيس وٺي ڇڏيو، ڊي آءِ جي جي هدايتن تي ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتراڻ فوري ڪارروائي جو حڪم جاري ڪيو، جنهن تحت پوليس هڪ مرڪزي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، ڏهرڪي ۾ ڪاروڪاري جي الزام تي غيرقانوني جرڳو ڪري متاثر خاندان تي ڏهه لک روپيا ڏنڊ ۽ ٻه نابالغ نياڻيون 12 ورهين جي انيسا ڀيو ۽ 10 ورهين جي شمائلا ڀيو کي عيوضانه (وني) طور ڏيڻ جو غيرانساني فيصلو ڪيو ويو هو، پوليس موجب جرڳي ۾ ڪاروڪاري جو ڪوڙو الزام لڳايو ويو هو، ڪارروائي دوران مک جوابدار شاهنواز ڀيو کي ميرپور ماٿيلو پوليس ڳوٺ سمندر خان ڀيو مان گرفتار ڪري ورتو، ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتراڻ چيو آهي ته جرڳي ۾ ملوث ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا جاري آهن ۽ ڪنهن کي به قانون کان مٿانهون نه سمجهيو ويندو.