جبري گمشدگين خلاف جدوجهد جو سرواڻ ماما قدير بلوچ لاڏاڻو ڪري ويو

ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڊگهي عرصي کان جدوجهد ڪندڙ ماما قدر بلوچ 85 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ماما قدر بلوچ هلندڙ سال عيد الفطر کانپوءِ مسلسل بيمار رهيو ۽ ڪجهه ڏينهن کان ڪوئيٽا جي هڪ خانگي اسپتال ۾ وينيٽليٽر تي هو. سندس پٽ بجار خان ميڊيا سان ڳالهائيندي ماما قدير جي لاڏاڻي جي تصديق ڪئي چيو ته کيس اباڻي علائقي سوراب ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. وائس فار بلوچ مسنگ پرسنز جي چيئرمين نصر الله بلوچ موجب، قدر بلوچ سهڪي جي بيماري ۾ مبتلا هو، جڏهن ته ڪجهه هفتا اڳ منجهس ٽي بي ۽ جگر جي مسئلي جي نشاندهي به ٿي هئي. وائس فار بلوچ مسنگ پرسنز ماما قدر بلوچ جي موت تي ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن دوران ڪوئيٽا ۾ احتجاجي بک هڙتالي ڪئمپ به بند رهندي. واضح رهي ته ماما قدر بلوچ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان ڊگهو پنڌ مارچ پڻ ڪيو هو. ماما قدر بلوچ بلوچستان جي قلات ڊويزن جي علائقي سوراب ۾ 6 جون 1940ع تي ڄائو، هن مڊل تائين تعليم سوراب ۾ حاصل ڪئي، جڏهن ته ميٽرڪ خضدار مان ۽ انٽر ميڊئيٽ ڪوئيٽا مان مڪمل ڪئي.تعليم دوران ۽ ان کانپوءِ هو قومي پرست سياست سان واڳيل رهيو ۽ نيشنل
عوامي پارٽي (نعپ) جي سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهيو. سال 1974ع ۾ هن ڪيشيئر طور يونائيٽڊ بئنڪ ۾ ملازمت شروع ڪئي ۽ 2009ع ۾ گريڊ ٿري جي آفيسر طور رٽائر ٿيو . 2009 ۾ ماما قدير جي وڏن پٽ جليل ريڪي ڪوئٽا کان لاپتا ٿي ويو. پٽ جي جبري گمشدگي سان گڏ، 2009 کان ماما قدير انهن ماڻهن سان گڏ ٿي ويا هئا، جيڪي اڳ ئي پنهنجن لاپتا پيارن جي جبري گمشدگي خلاف احتجاج ڪندا رهيا هئا. ماما قدير سيپٽمبر 2019 ۾ بي بي سي کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته جليل ريڪي کي بزرگي ۾ انهن جو سهارو بڻجڻ هو، پر ائين نه ٿي سگهيو، ڇو ته جبري گمشدگي کان ٽي سال پوءِ ضلعي ڪيچ ۾ چچريل لاش مليو. وائس فار مسنگ بلوچ پرسنز جي چيئرمين نصرت الله بلوچ ٻڌايو ته انهن جي تنظيم طرفان لاپتا ماڻهن جي بازيابي لاءِ قائم علامتي بک هڙتال جو ڪيمپ جديد دنيا ۾ سڀ کان ڊگهو احتجاجي ڪيمپ آهي. اهو ڪيمپ ڇهه هزار 35 ڏينهن کان وڌيڪ عرصي تائين قائم رهيو آهي. نصر الله بلوچ موجب ماما قدير ان ڪيمپ جا روح روان هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.