ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي بفر زون پيپلز چورنگي جي ويجهو هڪ واٽر ٽينڪر ٻار تي چڙهڻ جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جنهن کي شديد زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، مڇريل ماڻهن واٽر ٽينڪر تي پٿراءُ ڪيو، جڏهن ته ٽينڪر جو ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، پوليس موجب بفر زون پيپلز چورنگي وٽ هڪ واٽر ٽينڪر رستو پار ڪندڙ ٻار مٿان چڙهي ويو، حادثي سبب ٻار سخت زخمي ٿي پيو۽ فوري طور ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، واقعي کان پوءِ مڇريل ماڻهن واٽر ٽينڪر تي شديد پٿراءُ ڪيو، جنهن سبب ٽينڪر کي نقصان پهتو، اطلاع ملڻ تي پوليس موقعي تي پهتي ۽ صورتحال تي ڪنٽرول ڪري ورتو، پوليس موجب ٽينڪر جو ڊرائيور حادثي کان پوءِ فرار ٿي ويو ۽ سندس ڳولا لاءِ ڪارروائي جاري آهي، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪيون پيا.