ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي پاران ڪراچي جي 13 مختلف هنڌن تي ڊمپر ۽ ٽينڪر حادثن، اي چالان سسٽم ۽ شهر جي خرابانفرااسٽرڪچر خلاف ڌرڻا هنيا ويا. ڌرڻا اسٽار گيٽ شاهراهه فيصل، دائود چورنگي، ڪورنگي ڪراسنگ، يونيورسٽي روڊ، حيدري، اورنگي ٽائون، حب ريور روڊ، شيرشاهه سميت ٻين علائقن ۾ جاري رهيا، جتي جماعت اسلامي جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن وڏي انگ ۾ موجود هئا. مظاهرين جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ بي قابو هيوي ٽريفڪ سبب قيمتي انساني جانيون ضايع ٿي رهيون آهن، جڏهن ته شهر جي خراب حالتن باوجود شهرين تي اي چالان ذريعي ڳرا ڏنڊ لاڳو ڪيا پيا وڃن، جيڪي عوام سان ناانصافي آهن. ڌرڻن سبب شام جي وقت ٽريفڪ ۾ جام رهي، جڏهن ته ڪيترن علائقن ۾ اچ وڃ متاثر ٿي. جماعت اسلامي حڪومت کان فوري قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي.