ڪراچي ۾ هلندڙ سال ڦر مزاحمت ۽ حادثن ۾ 919 شهري حياتيون وڃائي ويٺا

ڪراچي (رپورٽر) هلندڙ سال 2025ع ڪراچي واسين لاءِ انتهائي خوفناڪ ثابت ٿيو، جنهن بابت ڳڻتي جوڳا انگ اکر سامهون آيا آهن، ان سلسلي ۾ امدادي اداري ڇيپا فائونڊيشن جي سالياني رپورٽ موجب جنوري کان هينئر تائين شهر ۾ ڦرلٽ دوران مزاحمت ڪرڻ سبب 89 شهري حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته ساڳئي عرصي دوران ٽريفڪ حادثن ۾ 830 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ 11 هزار 837 زخمي ٿيا، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شهرين جي تشدد جي واقعن ۾ 14 ڌاڙيل مارجي ويا، جڏهن ته 35 سخت زخمي ٿيا، فائرنگ جي مختلف واقعن ۾ ڪراچي جي مختلف علائقن مان مجموعي طور 407 ماڻهو مارجي ويا ۽ 1632 زخمي ٿيا، هلندڙ سال دوران شهر جي مختلف علائقن مان 21 تشدد  ٿيل لاش هٿ آيا، جڏهن ته 4 ٻوري بند لاش به رپورٽ ٿيا، ساڳئي وقت هڪ  ڦٽاڪن جي ڪارخاني ۾ ڌماڪي سبب 5 ماڻهو سڙي فوت ٿيا ۽ 31 زخمي ٿيا، سالياني رپورٽ موجب ڇرين جا وار لڳڻ سبب 43 ماڻهو قتل ٿيا، گئس سلينڊر ڦاٽڻ جي واقعن ۾ 11 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ 40 زخمي ٿيا، ڇتين تان ڪرڻ سبب 73 ماڻهو جڏهن ته ڇتيون ڪرڻ سبب 19 ماڻهو جان وڃائي ويٺا، انگن اکرن موجب ٽرين جي ٽڪر سبب 51 ماڻهو فوت ٿيا، جڏهن ته پاڻي ۾ ٻڏڻ جي مختلف واقعن ۾ 83 ماڻهن جون حياتيون ضايع ٿيون، شهر ۾ سڙڻ جي واقعن ۾ 21 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ 128 زخمي ٿيا، جڏهن ته ڪرنٽ لڳڻ سبب 131 ماڻهو فوت ٿيا، رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته  کليل گٽرن ۾ ڪري 13 ماڻهو فوت ٿيا، هلندڙ سال دوران خودڪشي جا 119 واقعا رپورٽ ٿيا، جڏهن ته 33 نون ڄاول ٻارن جا لاش به مختلف علائقن مان مليون، ان کان سواءِ منشيات جي وڌيڪ استعمال سبب 381 مردن ۽ 5 عورتن جا لاش مليا، جن مان اڪثر لاش لاوارث مليا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.