ملڪ ۾ جمهوري، انساني ۽ شهري حقن جي لتاڙ ڪئي پئي وڃي\امداد قاضي

سکر(رپورٽ:سيد نعيم شاھ/ پ ر) ملڪ مٿان سڌي ريت جنرلز جي بادھشات قائم آھي، آئنيي ترميمون فوجي اسٽيبلشمينٽ جي مفادن لاءِ ڪيون وڃن ٿيون، ملڪ ۾ جمھوري انساني قومي ۽ شھري حقن جي لتاڙ ڪئي پئي وڃي،  اھڙو اظھار ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي سکر پريس ڪلب ۾ ڪامريڊ حسن ناصر جي ورسي جي موقعي تي ڪميونسٽ پارٽي ضلعي سکر طرفان ڪوٺايل 27 آئنيي ترميم جا جمھوري قومي انساني ۽ شھري حقن تي پوندڙ اثر جي عنوان تي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، ھن چيو ته ملڪ ۾ حقيقي قبضو جنرلن جو آهي، 73 جي آئين ۾ جيڪي تبديليون آيون آھن اھي وردي پوشن پنھنجي مفادن لاءِ آنديون آھن، آمريڪا جي مشن کي ٽيڪ ڏيڻ خاطر ماضي ۾ به جنرلين ڀرپور حصو ورتو ھو ۽ ھاڻي به آمريڪا جي مفادن خاطر ملڪ جا قيمتي اثاثا ۽ منرلز آمريڪا حوالي ڪيا پيا وڃن، جنھن جي ڪري آمريڪي صدر بار بار جنرل عاصم منير جي مختلف محفلن ۾ تعريفون ڪندو رھي ٿو، سول بيورو ڪريسي سرمائيدارن ۽ جاگيرارن کي پاڻ سان گڏائي رکيو آھي، شھيد حسن ناصر اھڙي بدبودار نظام خلاف پنھنجي نوابي واري زندگي کي لت ھڻي مظلوم ۽ پورھيت طبقي جي حقن خاطر پورھيتن سان گڏ ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي جدوجھد ڪئي ۽ انھن ساٿي پورھيتن سان روڊن تي ستو ، حسن ناصر جو قتل پھريون ھن ملڪ جو عدالتن مٿان قتل ھو ـ جنھن جو لاش گم ڪري سندس امڙ کي به نه ڏنو ويو ، حسن ناصر ڪيمونسٽ سياست جو اھو ھيرو آھي جنھن مٿان صدين تائين فخر ڪري سگهجي ٿو، حسن ناصر شھيد جي قرباني ضايع نه ويندي پر سندس رت سان اھڙو عوام دوست ۽ پورھيت دوست انقلاب ايندو ، جنھن ۾ ملڪ جي عوام ۽ عدالت جو مان مٿانھون ٿيندو، ان موقعي تي مالڪ کوسي، عيد جاگيراڻي مير منور ٽالپر ضياء ڀٽي ڊاڪٽر غلام رسول گھمري، زاھد سنڌو، الطاف شاھ عتيق الرحمان سومري ظفر کوسي سندر چاچڙ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ھي ملڪ رياستن کي گڏائي وجود ۾ آيو ھو ، ھن کي صوبا ڪري شامل نه ڪيو ويو ھو ، انڪري ھتان جي رياستن جي قومي جمھوري ۽ شھري حقن کي ختم ڪرڻ جو عمل قابل قبول نٿو ڪري سگھجي، 73ع جي آئين ۾ وڏيون خرابيون موجود ھيون پر ھن وقت ان آئين جو چهرو مڪمل طور بگاڙيو ويو آھي، پراڻو عمراني معاھدو مدي خارج ٿيڻ ڪري نئون عمراني معاھدو قائم ڪيو وڃي  جنهن موجب سڀني قومتين کي برابر جا حق ڏنا وڃن، سنڌ ۽ پوري ملڪ ۾ پورھيتن کي يونين ٺاھڻ جو حق ڏنو وڃي ۽ پورھيتن جي سوشل سيڪوريٽي ۾ رجسٽريشن ڪرائي وڃي پورھيتن جي بنيادي پگھار 50 ھزار روپيا ڏني وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.