ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) ڪراچي ۾رولو ڪتن جي وڌندڙ انگ شهرين کي سخت خوف ۽ ذهني اذيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو، گهٽيون، پاڙا، شاهراهون، بس اسٽاپ ۽ رهائشي علائقا رولوڪتن جي جٿن سان ڀرجي ويا، جنهن سبب خاص طور عورتون، ٻار ۽ پيرسن شهري پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري رهيا آهن، رات جي وقت صورتحال وڌيڪ خطرناڪ بڻجي وڃي ٿي، رولو ڪتا اوچتو موٽر سائيڪل سوارن تي حملو ڪري ڏين ٿا جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو گهٻراهٽ ۾ ڪري زخمي ٿي پون ٿا، جڏهن ته ڪيترائي واقعا رپورٽ به نٿا ٿين، رولو ڪتن جي حملي جو انتهائي خطرناڪ واقعو ٽي ڏينهن اڳ ڪورنگي ضلعي جي علائقي جمعا ڳوٺ ۾ پيش آيو، جتي هڪ ڪُتي هڪ ئي ڏينهن ۾ 20 شهرين کي بُري طرح سان متاثر ڪيو، متاثر ماڻهن کي سخت زخم آيا، جسم جي مختلف حصن مان گوشت نڪري وڃڻ سبب رت ۾ ٻڏل شهرين کي فوري طور انڊس اسپتال منتقل ڪيو ويو، انڊس اسپتال جي ڊاڪٽر نسيم صلاح الدين ٻڌايو ته ٽي ڏينهن اڳ انڊس اسپتال ۾ انتهائي افراتفري هئي، هڪ ڏينهن اندر ڪُتن جي ڏاڙهجڻ سبب 20 کان وڌيڪ مريض آندا ويا، جن تي زخم انتهائي سنگين هئا، جڏهن ته ٻه ڏينهن اڳ انڊس اسپتال ۾ ڪتي ڏاڙهيل نينگري پڻ فوت ٿي وئي، شهرين جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي تقريبن سڀني ضلعن ۾ رولو ڪتن جي ڀرمار ٿي چڪي آهي، پر مڪاني ادارا ۽ لاڳاپيل انتظاميه خاموش تماشائي بڻيل آهن، علائقن جي ويجهن اسپتالن ۾ يا وري وڏين اسپتالن ۾ ڪتي جي ويڪسين مشڪل سان ملي ٿي، هنن مطالبو ڪيو ته رولو ڪتن خلاف ڪتا مار مهم ٻيهر شروع ڪئي وڃي.