حيدرآباد(رپورٽر) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو جي والده حيدرآباد ۾ لاڏاڻو ڪري وئي، مرحومه جي جنازه نماز حيدرآباد ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ سياسي، سماجي، ادبي ۽ صحافتي حلقن سميت مٽن مائٽن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مرحومه جي مڙھ کي مقامي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، مرحومه جو تڏو سخي ستار ڏنو چولياڻي هائوس تي وڇايو ويو، جتي تعزيت جو سلسلو جاري آهي.