رت جون نديون پار ڪيون آهن، انتظامي يونٽن تي ڌمڪين کان نٿا ڊڄون:خالد مقبول صديقي

ڪراچي(رپورٽر) متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي رابطا ڪميٽي جي سربراهه ۽ وفاقي وزير خالد مقبول صديقي ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ وڌ کان وڌ انتظامي يونٽ هجڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته ملڪ جي آبادي تيزي سان وڌي رهي آهي، تنهن ڪري انتظامي يونٽن ۾ واڌ ضروري آهي.هن گذريل ڏينهن پارٽي طرفان ڪڍيل ريلي بابت چيو ته هاڻي موروثي سياست ختم ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. سمورين رڪاوٽن ۽ پروپيگنڊا باوجود عوام ڪالهه تاريخ رقم ڪئي، متحده قومي موومينٽ جي ريلي عوامي راءِ جو اظهار هئي ۽ سنڌ جا شهري هاڻي روڊن تي اچي پنهنجو فيصلو ٻڌائي رهيا آهن.هن دعويٰ ڪئي ته 1970ع کانپوءِ سنڌ جي شهري علائقن جي آبادي گهٽ ڏيکاري وئي آهي، جڏهن ته ڪراچي سنڌ جي آبادي جو 37 سيڪڙو نه، پر لڳ ڀڳ 57 سيڪڙو آهي هن چيو ته گذريل 18 سالن کان سنڌ هلائڻ جي طريقيڪار بابت عدالتي ڪميشن جوڙيو وڃي.هن چيو ته  پاڪستان هاڻي جاگيرداراڻي جمهوريت سان نٿو هلي سگهي. ڪالهوڪي ريلي عوامي راءِ جو اظهار ”پاڪستان زنده باد“ سان گڏ بيهڻ جو به هڪ نئون عوامي فيصلو هو.اهو ان ڳالهه جو به پيغام هو ته مصنوعي اڪثريت جي بنياد تي سنڌ جي شهري علائقن کي غلام بڻائڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي.هن چيو ته اسان پاڪستان کي بچائڻ جي مقصد سان نڪتا آهيون. متحده قومي موومينٽ جا سمورا مطالبا پاڪستان جي آئين سان هم آهنگ آهن. انهن مطالبن تي شور مچائڻ، ڌمڪيون ڏيڻ ۽ اسان کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. اسان ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا ناهيون.هن چيو ته اسان رت جون نديون پار ڪيون آهن. جيڪي وڌ کان وڌ انتظامي يونٽن جي مطالبي تي رت جون نديون وهائڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، انهن کي خبر ئي ناهي ته هو ڪهڙي قوم کي للڪاري رهيا آهن.ڪراچي سان 18 سالن کان جيڪا ناانصافي ٿي آهي، ان بابت اسان اڳ به حڪومتن کان مطالبو ڪيو هو ته عدالتي ڪميشن جوڙيو وڃي.جعلي ڊوميسائلن بابت به جاچ ڪرائي وڃي ۽ اهو به ڏٺو وڃي ته شهري ڪوٽا تي عمل ٿيو آهي يا نه، ان لاءِ پڻ عدالتي ڪميشن جوڙيو وڃي.هن چيو ته متحده قومي موومينٽ روڊن جو رستو به ڏٺو آهي ۽ اسان ڏسي ورتو آهي ته روڊن ذريعي فيصلا ڪرائي سگهجن ٿا، پر هاڻي ايوانن ۾ نئين قانونسازي جي ڪوشش ڪنداسين.اسان کي خبر آهي ته مصنوعي اڪثريت سان ٺهيل اسيمبليون شايد ان کي منظور ٿيڻ نه ڏين، پر اڄ اسان ٻيهر اهو مطالبو ڪريون ٿا ته جيئن اڳ متحده قومي موومينٽ جي مطالبي تي پنجن سالن کانپوءِ مردم شماري ڪرائي وئي هئي، تيئن هاڻي ٻيهر پنجن سالن اندر مردم شماري ڪرائي وڃي.فاروق ستار چيو ته لاڙڪاڻو، سکر، نوابشاهه، ميرپورخاص، حيدرآباد ۽ ڪراچي، انتظامي يونٽ بڻجڻ گهرجن.اوهان اسان کان هڪ گورنر کسي ورتو هو، هاڻي ڇهه انتظامي يونٽ ٺهندا ته ڇهه گورنر به مقرر ٿيندا، هن چيو ته  18 سالن دوران جيڪي 30 هزار ارب رپيا اوهان خرچ ڪيا آهن، انهن جو حساب به اوهان کي ڏيڻو پوندو.

You might also like