چناب درياءُ کان پوءِ ڀارت جهلم جو پاڻي به روڪي ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ/م ڊ)  ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر گڏيل قومن جا قانون نظرانداز ڪندي چناب کان پوءِ جهلم دريا جو پاڻي به روڪي ڇڏيو آهي. سيالڪوٽ ۾ مراله جي هنڌ تيچناب درياءُ ۾ پاڻي جي سطح ۾ انتهائي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.آبپاشي کاتي موجب چناب دريا ۾ پاڻي جو وهڪرو 9 هزار 678 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گذريل ڏينهن پاڻي جو وهڪرو 12 هزار 829 ڪيوسڪ هو، دريا چناب ۾ پاڻي جي سطح ۾ مسلسل گهٽتائي ٿي رهي آهي، مراله راوي لنڪ نهر ۾ پاڻي جو وهڪرو ٻڙي آهي، اپر چناب واهه ۾ پاڻي جو وهڪرو  6 هزار 3 سو ڪيوسڪ آهي۔پاڪستان جي انڊس واٽر ڪمشنر مهر علي شاهه جو چوڻ آهي ته ڀارت جي طرفان دريا چناب جو پاڻي روڪڻ تي ڀارت کي خط لکيو ويو آهي، دريا جهلَم جي پاڻي جو جائزو ورتو پيو وڃي، ڀارت جڏهن ۽ جتي به پاڻي روڪيندو، ان تي آواز اُٿارينداسين۔. آبي ماهرن مطابق ڀارت طرفان پاڻي روڪڻ سبب دريا چناب کان قادرآباد خانڪي بيراج کان نڪرندڙ واهن کي پاڻي نٿو ملي، ڀارت جي پاڻي روڪڻ سبب پنجاب جي لکين ايڪڙ زمين بنجر ٿيڻ جو خطرو آهي، انڊس واٽر ڪمشن پاڪستان کي ڀارت جي هن قدم خلاف عالمي ٽياڪڙي عدالت سان رابطو ڪرڻ گهرجي.

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڀارت جي آبي جارحيت تي پاڪستان طرفان باضابطا رابطو ڪيو ويو آهي. آبي وسيلن واري وزارت موجب، سنڌ طاس لاءِ پاڪستاني ڪميشنر معاملو باضابطا طور ڀارت سامهون اُٿاري ڇڏيو ۽ چناب ۾ پاڻي جي غير معمولي گهٽتائي تي وضاحت طلب ڪئي وئي. پاڪستان جو موقف آهي ته سنڌ طاس معاهدي تحت ڊيڊ اسٽوريج خالي ڪرڻ منع آهي. وزارت موجب 17 ڊسمبر کان چناب جي وهڪري ۾ نمايان بهتري شروع ٿي، آبپاشي کاتي طرفان چناب جي مسلسل نگراني جاري آهي. چناب ۾ غيرمعمولي گهٽتائي کان پوءِ وهڪري ۾ استحڪام آيو آهي.آبي وسيلن واري وزارت جو چوڻ آهي ته مرالا وٽ چناب ۾ وهڪرو ٻيهر معمول تي اچي رهيو آهي، پر 10 کان 16 ڊسمبر تائين چناب ۾ گذريل 10 سالن جي تاريخي سطح کان ڪيترائي ڀيرا گهٽ وهڪرو رڪارڊ ٿيو، جنهن دوران گهٽ ۾ گهٽ وهڪرو 870 ڪيوسڪ تائين پهتو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ڀارت جي جارحاڻن آبي قدمن سبب ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ سنگين خطرا پيدا ٿي ويا آهن. اسلام آباد ۾ سفيرن کي بريفنگ ڏيندي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته ڀارت اپريل 2025ع ۾ سنڌ طاس معاهدو هڪ طرفي طور معطل ڪيو، ڀارت بنا اڳواٽ اطلاع جي چناب درياهه ۾ پاڻي ڇڏيو، گڏيل قومن جي خاص ماهرن ڀارت جي قدمن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، پاڪستان اِهو معاملو بار بار سلامتي ڪائونسل ۾ به اُٿاريو آهي. هن چيو ڀارتي قدم عالمي قانون ۽ ويانا ڪنوينشن جي آرٽيڪل 26 جي ڀڃڪڙي آهن، ڀارت منظم طريقي سان سنڌ طاس معاهدي کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ڀارت جو تازو قدم پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جو کليل مثال آهي، ڀارتي آبي قدم پاڪستان جي غذائي سلامتي لاءِ خطرو آهن، ڀارتي قدم انساني بحران کي جنم ڏيڻ جو اٽي صلاحيت رکن ٿا. اسحاق ڊار چيو ته سنڌ طاس معاهدو ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جو اهم ذريعو آهي، پاڪستان واضح ڪري ڇڏيو آهي ته پاڻي روڪڻ يا ان جو رخ موڙڻ جنگي قدم تصور ڪيو ويندو ۽ اسان پنهنجي آبي حقن تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت هائيڊرولاجيڪل ڊيٽا ۽ گڏيل نگراني جو عمل روڪي ڇڏيو آهي، ڀارت طرفان تڪرارن جي حل کان پاسو ڪرڻ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي، ڀارتي گهرو وزير معاهدو بحال نه ڪرڻ ۽ پاڻي جو رخ موڙڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي، گڏيل خاص ماهرن پڻ ڀارت جي قدمن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

  1. پهلگام حملي ۾ پاڪستان جي ملوث هجڻ جا ثبوت ناهن، ڀارتي حملو غير قانوني هو

 نيويارڪ(م ڊ) گڏيل قومن خاص ماهرن هلندڙ سال مئي ۾ ٿيل پاڪ-ڀارت جنگ بابت پاڪستان جي موقف جي تائيد ڪندي ڀارت جي حملي کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو . گڏيل قومن جي ماهرن پاڪ-ڀارت جنگ بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ ڀارت جي هڪ طرفي قدمن تي سخت اعتراض واريا ويا آهن. يو اين ماهرن جي رپورٽ ۾ پهلگام حملي جي مذمت ڪندي چيو ويو آهي ته پاڪستان حملي ۾ ملوث هئڻ جي ترديد ڪئي ۽ اڻڌري ۽ شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو. رپورٽ موجب، 7 مئي 2025 تي ڀارت ”آپريشن سندور“ جي نالي سان پاڪستان جي حدن اندر طاقت جو استعمال ڪيو، جيڪو گڏيل قومن چارٽر جي خلاف آهي.رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڀارت يو اين چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت سيڪيورٽي ڪائونسل کي باظابطا اطلاع نه ڏنو، اڳواٽ اطلاع نه ڏيڻ گهربل طريقيڪار جي ڀڃڪڙي آهي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي حملن دوران شهري علائقا نشانو بڻيا، مسجدون متاثر ٿيون، جڏهن تهڪيترائي مارجي ويا ۽ زخمي ٿيا. رپورٽ موجب، 7 مئي 2025 تي پاڪستان ڀارتي ڪارروائي جي مذمت ڪئي ۽ سلامتي ڪائونسل کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان کي آرٽيڪل 51 تحت پنهنجي بچاءَ جو حق حاصل آهي.رپورٽ موجب، دهشتگردي جي نالي تي هڪ طرفي فوجي طاقت استعمال ڪرڻ جو ڪو الڳ تسليم ٿيل حق موجود ناهي، جيڪڏهن طاقت جو استعمال غير قانوني هجي ته اهو زندگي جي حق جي ڀڃڪڙي بڻجي سگهي ٿو.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت جو اهو عمل وڏي تڪرار جو خطرو پيدا ڪري سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن ڀارتي قدم کي ”هٿياربند حملو“ سمجهيو وڃي ته پاڪستان کي سيلف ڊفينس جو مڪمل حق حاصل آهي.ماهرن جو چوڻ آهي ته ڀارتي قدم پاڪستان جي خودمختياري جي سنگين ڀڃڪڙي آهن، ڀارتي قدم مداخلت نه ڪرڻ وارن اصولن جي به کليل ڀڃڪڙي آهن. سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي تي به ڀارت خلاف چارج شيٽ جاري ڪئي وئي آهي. گڏيل قومن جي خاص ماهرن جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ طاس معاهدي کي ”هيلڊ ان ايبينس“ ڪرڻ بابت ڀارت جي اعلان تي سخت ڳڻتي آهي، پاڻي جي وهڪري ۾ رنڊڪ يا ان بابت ڌمڪي ڪروڙين پاڪستانين جي بنيادي حقن کي متاثر ڪري ٿي، پاڻي، خوراڪ، روزگار، صحت، ماحول ۽ ترقي جا حق ان فيصلي جي نتيجي ۾ خطري ۾ پئجي وڃن ٿا. رپورٽ موجب، سرحد پار پاڻي جي حقن ۾ مداخلت کان پاسو ڪرڻ لازمي آهي، پاڻي کي سياسي يا معاشي دٻاءَ جو ذريعو نٿو بڻائي سگهجي، ڪا به ڌر هڪ طرفو سنڌ طاس معاهدو معطل نٿي ڪري سگهي، جيستائين ڌريون نئون معاهدو ڪري ان کي ختم نه ڪن تيستائين معاهدو لاڳو رهندو، ڀارت طرفان استعمال ڪيل اصطلاح ”هيلڊ ان ايبينس“ مبهم آهي.خاص ماهرن جي رپورٽ موجب، پاڪستان طرفان معاهدي جي ڪنهن به شق جي ڀڃڪڙي ظاهر نه ٿي آهي، ڀارت طرفان مبينا سرحد پار دهشتگردي جي الزامن کي آبي معاهدي سان ڳنڍڻ قانوني طور غير لاڳاپيل آهي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڻي روڪڻ يا معاهدو معطل ڪرڻ نامناسب قدم آهي، ڇاڪاڻ ته ان جو بار سڌو سنئون عام پاڪستانين جي حقن تي پوي ٿو، ڪائونٽر ميجرز بنيادي انساني حقن بابت ذميوارين کان ڇوٽ نٿا ڏين، ڪائونٽر ميجرز لاءِ نوٽيس، ڳالهين جي آڇ ۽ قانوني طريقيڪار جون شرطون پوريون ٿيڻ گهرجن، اهي قدم عارضي ۽ واپس وٺڻ جهڙا هوندا آهن، کين مستقل خاتمي يا معطلي جو جواز نٿو بڻائي سگهجي. رپورٽ ۾ ڀارت سبب سنڌ طاس معاهدي ۾ پيدا ٿيل بگاڙ جي نشاندهي به ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب، انڊس ڪميشن جا ساليانا اجلاس 2022ع کانپوءِ نه ٿيا آهن، ڊيٽا جي ڏي وٺ ۾ رنڊڪ ۽ تصفيي وارن نڪتن تي تڪرار معاهدي جي روح جي خلاف آهن.

  1. ڀارت پاڻي وهڪرن کي متاثر ڪري  غير ذميواري پيو ڪري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري  چيو آهي ته  گڏيل قومن  جي انساني حقن جي ماهرن جي رپورٽ ڀارت جي غيرذميوار رياستي طرز عمل کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. آصف علي زرداري پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته گڏيل قومن   جي انساني حقن جي ماهرن جي رپورٽ پاڪستان جي پراڻي موقف جي توثيق آهي.هن چيو ته رپورٽ ڀارت جي غير ذميوار رياستي طرز عمل کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي، ٻين ملڪن ۾ ڀارتي مداخلت ۽ رتو ڇاڻ جون رپورٽون خطرناڪ رجحان آهن. صدر   چيو ته پاڻي جي وهڪري کي متاثر ڪندڙ عمل پاڪستان جي حقن جي خلاف ورزي آهي، قانون ۽ ڳالهه ٻولهه جي بدران ڌمڪي، طاقت ۽ تشدد ڀارت جو عادي بڻجي چڪو آهي، ڀارت اقليتن کي ديوار سان لڳائڻ جي پاليسي تي عمل پيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.