حيدرآباد: اياز ميلي ۾ سائبر ڪرائيم بابت لکيل اشفاق لغاري جي ڪتاب “نفرت جي دريافت” جي موضوع تي سيشن ٿيو، جنھن جي ماڊيٽر ورده شهزادي ھئي. ان موقعي تي مقرر ڪتاب جي ليکڪ اشفاق لغاري ڳالهائيندي چيو ته سائبر ڪرائيم بابت ڪتاب لکڻ جو مقصد عوام کي منفي سوچ بابت آگاھي ڏيڻ آھي. ھن چيو ته عاصمه شيرازي، امر سنڌو، عرفانه ملاح ۽ مون سميت ڪيترائي ماڻھو سوشل ميڊيا تي منفي سوچ سان متاثر ٿيل آھن. ھن چيو ته مثبت ڪردارن کي سوشل ميڊيا تي ڪردارڪشي جو نشانو بڻايو وڃي ٿو. ھن چيو ته جنرل ضياء جي دور ۾ هڪ نابينا عورت جو ريپ ٿيو هو، جنهن ۾ جوابدار کي ان بنياد تي ڇڏيو ويو جو متاثر عورت جوابدار کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو. هن چيو ته هن ملڪ اندر جيڪو ڪجهھ سوشل ميڊيا تي عورت سان ٿئي ٿو، ان جو وڏو مثال عاصمه شيرازي آهي، هي ڪتاب انهن سڀني عورتن جو ڪيس آهي. نامياري ليکڪه ۽ صحافڻ عاصمه شيرازي چيو هي جنگ سائيبر جي جنگ آهي، اسان ان خلاف هر صورت ۾ وڙهنداسين. هن چيو ته هن ملڪ اندر جيتري ڪردار ڪشي منهنجي خلاف ٿي آهي ۽ ان ۾ جهڙي طرح جي زبان منهنجي خلاف استعمال ڪندي مھم ھلائي وئي، اھا سڀني کي خبر آھي، مون هميشه سچ جو پيڇو ڪيو آهي، ڪنهن جي ڊڪٽيشن تي ناهيان هلندي. هن چيو ته پهريان مجاهد ٺاهيا ويندا آهي ۽ پوءِ جڏهن ڦاٽڻ شروع ٿيندا آهي ته چوندا آهن ته اسان غلط ڪيو آهي، هاڻ وري سائيبر مجاهد ٺاهيا ويا آهن. ٽرانسجينڊر اڳواڻ شهزادي راءِ چيو ته ٽراسجينڊر خلاف ملڪ ۾ رياست طرفان نفرت پکيڙي پئي وئي، ان خلاف آواز اٿارڻ تي اسان کي پيڪا ايڪٽ تحت ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون، مون کي سوشل ميڊيا تي غير ملڪي ايجنٽ قرار ڏنو ويندو آهي. هن چيو ته اسان خلاف نفرت انگريز دور کان هلندي پئي اچي، هاڻ ان جي پٺڀرائي طاقتور ادارا ڪري رهيا آهن.