حيدرآباد: اياز ميلي جي شروعات شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي وائي سان ڪئي وئي، جنهن ۾ شاهه جي فقيرن فن جو مطاهرو ڪيو.
-
حيدرآباد: ميلي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت
حيدرآباد: ميلي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ميلي لاءِ سيڪيورٽي جا انتظاميا سخت ڪيا ويا هئا، پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي هئي. اياز ميلي جي هالن کي مختلف رنگن جي جهنڊين سان سينگاريو ويو هو.
-
مختلف ملڪن مان 3 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني ڊي پورٽ
اسلام آباد (بيورو) گذريل هڪ سال دوران مختلف ملڪن مان 3 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني شهرين کي ڊي پورٽ ڪيو ويو، جن مان سڀ کان وڌيڪ سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات کان واپس موڪليا ويا، ذريعن موجب سال جي 11 مهينن دوران ڊي پورٽ ٿيل پاڪستانين جي انگ ۾ گذريل سال جي مقابلي ۾وڌيڪ اضافو ٿيو آهي، ذريعن ٻڌايو ته 2025ع جي 11 مهينن دوران 20 هزار 262 پاڪستاني ٻاهرين ملڪن کان ڪراچي ڊي پورٽ ٿيا، جڏهن ته گذريل سال ساڳئي مدت ۾ ڊي پورٽ ٿيل پاڪستانين جو انگ 16,461 هو، ذريعن موجب، انهن مان اڪثريت سعودي عرب ۽ يو اي اي کان ڊي پورٽ ڪئي وئي، عمري ۽ وزٽ ويزا تي پهچندڙ پاڪستانين ۾ خيرات گهرندڙ ماڻهن جو وڏو انگ موجود هو.