حيدرآباد: نامياري ليکڪه مهتاب اڪبر راشدي اياز ميلي ۾ خطاب ڪندي چيو ته نامياري ليکڪ انور پيرزادي جا ٻار هر سال پنهنجي خرچ تي پاڻمراد سندس ميلو ڪن ٿا، سنڌ سرڪار کي گهرجي ته اهي اھڙن مثالي ڪردارن کي سنڀالين ۽ سندن ميلا لڳرائين. هن چيو ته تاريخ ۾ اهي قومون جيئريون رهنديون آهن، جيڪي ٻولي کي اهميت ڏينديون، شاعرن، ليکڪن ۽ اديبن کي اها حيثيت ڏينديون آهن، جيڪا هو لهڻين ٿا.