لانگ مارچ ۽ 9 مئي واقعي ۾ فيض حميد ملوث ٿي سگهي ٿو:راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد (بيورو) نواز ليگ اڳواڻ ۽ وزيراعظم جي سياسي صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو آهي ته فيض حميد پاڻ آرمي چيف بڻجڻ چاهيندو هو ۽ ڪجهه معاملا ۾ مداخلت ڪئي، 9 مئي ۽ لانگ مارچ جا واقعا فيض حميد جي مداخلت سبب ٿي سگهن ٿا ۽ جيڪڏهن ملوث ثابت ٿيو ته معاملو ملٽري ڪورٽ ۾ وڃي سگهي ٿو، هن چيو ته باني پي ٽي آءِ عمران خان لانگ مارچ ۽ 9 مئي تي عمل ڪيو، جيڪڏهن هو ملوث نه هو ته پوءِ ٻيو ڪير ملوث آهي؟ عمران خان جو 9 مئي ڪيس ملٽري ڪورٽ ۾ ٽرائل ٿي سگهي ٿو ۽ ڪافي ٻين ڪردارن جو به احتساب ٿي سگهي ٿو، راڻا ثناءُالله وڌيڪ چيو ته نومبر 2022 ۾ لانگ مارچ ۽ 9 مئي ۾ فيض حميد جو ڪردار اهم هو ۽ ان جي ملوث ٿيڻ جا امڪان روشن آهن، فواد چوڌري، محمود مولوي ۽ عمران اسماعيل اسپيڪر آفيس ۾ ملاقات لاءِ آيا ۽ چيو ته ڳالهين جي ضرورت آهي، اسان چيو ته اسپيڪر ڪوشش ڪئي ۽ وزيراعظم به پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي دعوت ڏني، پر باني پي ٽي آءِ طرفان پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي اجازت نه آهي، شاهه محمود قريشي چاهي ٿو ته ڳالهين کي اڳتي وڌايو وڃي، پر پي ٽي آءِ جي ڪجهه اڳواڻن کي اجازت ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.