آصفا ڀٽو جي بختاور ڪيڊٽ ڪاليج جي پاسنگ آئوٽ پريڊ ۾ شرڪت، گارڊ آف آنر پيش

نوابشاهه (م ڊ) خاتون اول بي بي آصفا ڀٽو زرداري بختاور ڪيڊٽ ڪاليج فار گرلز جي پنجين پاسنگ آئوٽ پريڊ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هن ڪاليج ۾ نئين جمنازيم ۽ سوئمنگ پول جو افتتاح پڻ ڪيو. هن موقعي تي خاتون اول بي بي آصفا ڀٽو زرداري کي بختاور ڪيڊٽ ڪاليج فار گرلز جي پنجين پاسنگ آئوٽ پريڊ ۽ سالياني والدين جي ڏينهن جي تقريب ۾ گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. هن موقعي تي خاتون اول آصفا ڀٽو چيو ته بختاور ڪيڊٽ ڪاليج تعليم، نظم و ضبط ۽ قيادت ذريعي ڇوڪرين کي بااختيار بڻائي رهيو آهي ۽ هوءَ شاگردن کي نظم و ضبط، احترام ۽ ثابت قدمي اختيار ڪرڻ جي ترغيب ڏئي ٿي. هن تقريب دوران، خاتون اول آرٽ اينڊ سائنس نمائش 2025-26 جو باضابطا افتتاح پڻ ڪيو ۽ ڪيڊٽس ۾ ڪاليج ڪرسٽ ۽ انعام ورهايا. پاسنگ آئوٽ پريڊ ۾ مارچ پاسٽ، پي ٽي، جمناسٽڪ ۽ ڪراٽي شو تقريب کي شاندار ڪامياب بڻايو. آصفا ڀٽو زرداري چيو ته بختاور ڪيڊٽ ڪاليج ملڪ جي 423 شاگردياڻين کي معياري تعليم فراهم ڪري رهيو آهي ۽ نوجوان عورتن کي بااختيار بڻائڻ پاڪستان جي روشن مستقبل جي ضمانت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.