نوشهروفيروز (ڊ ر) اين پي پي سربراهه غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ مسرور جتوئي جي ٽن ڪيسن جي ٻڏڻي ٿي ، ٽنهي ڪيسن جي ٻڌڻي 7 جنوري تائين ملتوي ٿي وئي، ٻڌڻي کان پوءِ غلام مرتضيٰ جتوئي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جج صاحب موڪل تي آھي، ان ڪري تاريخ 7 جنوري جي ملي آهي، ستن اٺن ڪيسن جي ٻڌڻي ٽن ڏينهن کان جاري رهي آهي هر روز ڏين ته ڇا ٿوڪري سگهجي، هن چيو ته حڪومت جي ڪوشش آھي ته اسان عدالتن ۾ ھجون، هن ملڪ ۾ اهو پيو ٿئي ته هر شيءِ پنهنجي مرضي جي کپي پارليامينٽ، وڪيلن جي تنظيم سڀ پنهنجي مرضي جا کپن، جسٽس جهانگيري جي ڊگري صحيح آھي يا غلط مان نه ٿو چئي سگهان پر منهنجي ڊگري لاءِ مونکي سپريم ڪورٽ تائين وڃڻو يو هو، عمران خان جا پٽ آيا ته کين عمران خان سان ملاقات ڪرڻ ڏيندا عمران خان في الحال عوام ۾ آهي، عمران خان کي گهڻي وقت تائين دٻائي نٿو سگهجي ملڪ جي مسئلن جو واحد حل فيئر اينڊ فري اليڪشن آھي، حڪومت مخالف اتحاد منظم ان لاءِ ناهي ته فيصلا اليڪشن کان اڳ ئي ٿيو وڃن ته ڪنهن کي کٽرائڻو آھي، حڪمرانن اھڙا سيٺ ٺاهي ڇڏيا آھن جيڪي هنن جا حصيدار آھن، اها حڪومت ڪوڙن ڪيسن جي بنياد تي هلي رهي آھي حڪومت مخالفت برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هن چيو ته مڪاني کاتن ۾ ڪم 20 سيڪڙو ٿين پيا 80 سيڪڙو نه پيو ٿئي جيڪو ورهائجي وڃي ٿو، مڪاني نظام مشرف جي دور ۾ بهترين هو صوبا ٺاهڻ بدران مڪاني نظام کي مضبوط ڪيو وڃي، صوبن بدران پئسا مڪاني کاتن کي ڏنا وڃن ٿا، صوبا پئسا کائي ٿا وڃن.