ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) پي ايس 9 شڪارپور جي ضمني چونڊ ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوار آغا شهباز دراني جي ڪاميابي واري نوٽيفڪيشن ۾ سنگين غلطي سامهون اچي وئي، تفصيل موجب اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ واضح غلطي ڏسڻ ۾ آئي، جنهن ۾ آغا شهباز دراني جي والد آغا سراج دراني جو نالو والد جي جاءِ تي مڙس طور لکيو ويو، ميڊيا ۾ معاملو سامهون اچڻ بعد اليڪشن ڪميشن آغا شهباز دراني جي ڪاميابي جو درست نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل نوٽيفڪيشن تي سخت تنقيد ڪندي واهپيدارن طرفان چيو ويو ته اهي ڀرتي به پ پ پ جا ڪيل آهن ته ايترو ئي پڙهيل هوندا، هڪ واهپيدار چيو ته اھڙا آفيسر به زرداري ليگ جي دور حڪومت ۾ پئسن تي ڀرتي ٿيل آهن تڏهن ته پٽ بدران زال لکي ويو آهي، هڪ ٻئي واهيپدار چيو ته بس جيئو ڪرينس، زال يا پٽ گهر ته ساڳيو آهي نه، تاليان، هڪ واهيپدار وڌيڪ چيو ته هي پوءِ ڪهڙي پ پ لاءِ وڏي ڳالهه آهي.