لکي غلام شاهه (رپورٽ نديم جان مهر) چڪ ڀرسان مهر، جتوئي تڪرار تان جتوئي برادري جي هٿياربندن جي فائرنگ مال چاريندڙ نوجوان قتل ٿي ويو، ڳوٺ وريل ڪٻڙو مهر تي جتوئي برادري جي هٿياربندن مهر، جتوئي تڪرار تان فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ 15 ورهين جو نوجوانمال چاريندڙ ڌنار محمد صالح پٽ محمد دائود مهر گوليون لڳڻ سبب قتل ٿي ويو، اطلاع تي مهر برادري جا ماڻهو پڻ هٿياربند ٿي واقعي واري هنڌ پهچي ويا ڌرين وچ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، مقتول نوجوان جو لاش وارث چڪ اسپتال کڻاڻي پهتا جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول نوجوان محمد صالح مھر جو والد محمد دائود مهر پڻ ڪجهه مهينا اڳ مهر جتوئي تڪرار تان قتل ٿي چڪو آهي، هن وقت تائين 49 ڄڻا قتل ٿيا، جنهن ۾ 26 ڄڻا پنوعاقل تعلقي اندر ۽ 23 ڄڻا شڪارپور ضلعي اندر ٻڌايا وڃن ٿا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿيل آهن.