ڪراچي (رپورٽر) ايس آءِ يو پوليس هڪ ڪارروائي دوران ڀتا خوري ۾ ملوث ڀتا خور گروهه جي سربراهه صمد ڪاٺياواڙي جي ڀاءُ سميت 4 جوابدارن کي گرفتار ڪيو، پوليس انهن جي قبضه مان ڀتي ۾ استعمال ٿيندڙ موبائل فون ۽ سم به برآمد ڪري ورتي، ايس ايس پي ايس آءِ يو ڊاڪٽر عمران خان موجب گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ شايان، مبشر، شفيع ۽ شاهد جي نالن سان ڪئي وئي، جڏهن ته محمد شاهد گروهه جي سربراهه صمد ڪاٺياواڙي جو ڀاءُ آهي، جاچ دوران اهم انڪشاف سامهون آيا آهن، گرفتار جوابدارن جو گروهه واپارين کان ڀتو وصول ڪندو هو ۽ گروهه جو سربراهه انهن مٿان فائرنگ جو حڪم ڏيندو هو، گرفتار جوابدار ڀتي جي ٻن ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل هئا.