حيدرآباد ۾ اياز ادبي ميلو اڄ کان شروع ٿيندو

حيدرآباد(رپورٽر) رومانوي ۽ انقلابي شاعر  شيخ اياز جو ادبي ميلو سنڌ جي ٻئي وڏي شھر  حيدرآباد ۾ اڄ کان شروع ٿيندو جتي دنياجا تخليقي رنگ انڊلٺ جيان اڀري سامھون ايندا اياز ميلي جي ڪنوينر امر سنڌو  ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته اياز ميلو سنڌ جي ثقافت بڻجي چڪو آھي جيڪو اياز جي فڪر شاعري کي نئين نسل تائين منتقل ڪرڻ لاءِ تسلسل سان ٿيندو پيو اچي، اياز ميلو فڪري نشست نه پر سماجي تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري چڪو آھي، بدوش رائيٽرس ڪيفي ۾ پنھنجي ٽيم اڳواڻن حسين مسرت، تاج جويو، امداد چانڊيو، ذڪيه اعجاز، عبدالمجيد  چانڊيو، نسيم  جلباڻي، ريحانه نظير سان گڏ 11ھين اياز ميلي بابت پريس بريفنگ ڏيندي  چيو ته اياز ميلو اڄ  کان 21 ڊسمبر تائين ٽي ڏينھن ھلندو، ميلي جو افتتاح ثقافت کاتي جو وزير ذوالفقار شاھ ڪندو، ميلي جي انتظامن جي سلسلي ۾ 200 والنٽيئرن کي ٽريننگ ڏني وئي آھي، اياز مليو ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ سڃاڻپ رکي ٿو، اياز ميلي ۾ بينل لساني مشاعرو ٿيندو. جنھن ۾ ھڪ سئو کان وڌيڪ شاعر شاعري پيش ڪندا، جنهن ۾ نوجوان شاعر به شامل ڪيا ويا آهن. اياز ميلي ۾ 36 سيشن، 36 ماڊريٽر، 115 اسپيڪرز شامل آھن. ادبي ميلي لاءِ ھن سال اردو ۽ سنڌي اديبن جي 20 ڪتابن جي مھورت ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.