ڪراچي (رپورٽر) انڊس اسپتال ۾ ريبيز سبب هڪ وڌيڪ ڇوڪري مڪمل ڪورس نه ٿيڻ ڪري فوت ٿي وئي، انڊس اسپتال ۾ ريبيز ۾ مبتلا 17 سالن جي ڇوڪري فوت ٿي وئي، اسپتال انتظاميا موجب اورنگي ٽائون جي رهواسڻ ڇوڪري کي مهينو اڳ رولو ڪُتي آڱوٺي ۾ چڪ هنيو هو، ڇوڪري کي ويجهو طبي مرڪز آندو ويو هو جتي مبينا طور ريبيز ويڪسين جي صرف هڪ خوراڪ ڏني وئي، جڏهن ته مڪمل پوسٽ ايڪسپوڙر پروفيليڪسس جو ڪورس مڪمل نه ٿي سگهيو، پڌرائي ۾ چيو ويو ته اسپتال ۾ داخل ٿيڻ وقت ڇوڪري ۾ بيماري شدت اختيار ڪري چڪي هئي، گذريل جمعي کان مريض ڇوڪري ۾ ريبيز جون علامتون ظاهر ٿيڻ شروع ٿيون، جن ۾ پاڻي کان ڊپ، هوا کان خوف ۽ شديد بيچيني شامل هئي، اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته انڊس اسپتال پهچڻ تائين بيماري انتهائي خطرناڪ مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي هئي، جڏهن ته ڊاڪٽرن موجب بروقت ۽ مڪمل علاج نه ٿيڻ سبب ڇوڪري جي جان نه بچي سگهي، انڊس اسپتال انتظاميا موجب هلندڙ سال انڊس اسپتال ڪورنگي ۾ ريبيز سبب هاڻي تائين 8 فوتگيون رپورٽ ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته 16 هزار کان وڌيڪ جانورن جي ڪَٽ جا ڪيس سامهون آيا آهن.