گلستان سرمست هائوسنگ اسڪيم ۾ اربين رپين جي مبينه بي ضابطگين جي جاچ جو حڪم

ڪراچي(رپورٽر ) سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي طرفان 2009ع ۾ شروع ڪيل 2 هزار ايڪڙن تي ٻڌل گلستان سرمست هائوسنگ اسڪيم جي 32 ھزار کان وڌيڪ الاٽيز کان پلاٽ ۽ ڊولپمينٽ چارجز جي مد ۾ ساڍا 8 ارب رپيا اوڳاڙڻ باوجود 16 سالن کان ڪنھن به الاٽي کي گهرن جا مالڪاڻا حق نه ڏيڻ ، بجلي ، گئس، پاڻي انفرااسٽڪچر جون سھولتون فراھم نه ڪرڻ سميت اربين رپين جي مبينه بي ضابطگين تي جاچ جو حڪم ڏيندي جاچ لاءِ بلديات کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري کس افشان کي جاچ آفيسر مقرر ڪري ٻن ھفتن ۾ رپورٽ گھري ورتي آھي، پي اي سي اجلاس ۾ حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي دعويٰ ڪئي ته اسڪيم جا 5 سيڪٽر مڪمل ٿي چڪا آهن ۽ ساڍن 8 ارب رپين مان 4 ارب رپيا ترقياتي ڪمن تي خرچ ڪيا ويا آهن، جنهن تي پي اي سي گلستان سرمست هائوسنگ اسڪيم تي ڪيل خرچن، بئنڪ اسٽيٽمينٽس ۽ ترقياتي ڪمن جا تفصيل پڻ طلب ڪري ورتا آهن، اربع ڏينهن پي اي سي جو اجلاس چيئرمين نثار کهڙو جي صدارت هيٺ ڪميٽي روم ۾ ٿيو، اجلاس ۾ حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي جي آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ ڪميٽي ميمبر قاسم سراج سومرو، بلديات کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري مس افشان، حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ايڊيشنل سيڪريٽري نديم خان سميت ٻين عملدارن شرڪت ڪئي، اجلاس دوران چيئرمين پي اي سي نثار کهڙو 2021ع کان گلستان سرمست هائوسنگ اسڪيم تي ڪم بند هجڻ ۽ 16 سالن کان الاٽيز کي قبضو نه ڏيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايڇ ڊي اي عملدارن کان پڇاڻو ڪيو ته اسڪيم ڪڏهن شروع ٿي ۽ ڪم ڇو بند آهي، هن وقت تائين الاٽيز کان ڪيتري رقم وصول ڪئي وئي آهي ۽ اڃا تائين قبضو ڇو نه ڏنو پيو وڃي؟ ايڇ ڊي اي عملدارن پي اي سي کي ٻڌايو ته گلستان سرمست هائوسنگ اسڪيم 2 هزار ايڪڙ زمين تي 24 سيڪٽرن تي ٻڌل آهي، جيڪا 2009ع ۾ شروع ٿي ۽ 2013ع تائين 4 سالن ۾ مڪمل ٿيڻ گهرجي ها، هنن وڌيڪ ٻڌايو ته 32 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي پلاٽ الاٽ ٿي چڪا آهن، جن کان 2009ع کان هينئر تائين پلاٽن ۽ ڊولپمينٽ چارجز جي مد ۾ ساڍا 8 ارب رپيا وصول ڪيا ويا آهن، 24 سيڪٽرن مان 5 سيڪٽرن ۾ ترقياتي ڪم مڪمل ڪري الاٽيز کي قبضو ڏيڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ اشتهار پڻ جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هن وقت تائين رڳو 200 ماڻهن قبضو وٺڻ لاءِ درخواستون جمع ڪرايون آهن، چيئرمين پي اي سي نثار کهڙو سوال ڪيو ته جڏهن ساڍا 8 ارب رپيا وصول ڪيا ويا آهن ته اها رقم ڪيڏانھن وئي ۽ اسڪيم تي ڪم ڇو بند آهي ۽ بجلي، گيس، پاڻي ۽ روڊ نيٽ ورڪ ڇو نه ڏنو ويو آھي؟ ايڇ ڊي اي عملدارن ٻڌايو ته ساڍن 8 ارب مان 4 ارب رپيا اسڪيم جي ڊولپمينٽ تي خرچ ڪيا ويا آهن ۽ گرڊ اسٽيشن لاءِ 14 ڪروڙ رپيا جمع ڪرايا ويا هئا، پر واپڊا ڊيمانڊ نوٽس ۾ رقم وڌائي ڇڏي آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.