پنوعاقل (رپورٽ : ارشاد رستم انڍڙ) پني عاقل جي ڪچي ۾ ھٿياربندن جي فائرنگ، پيرسن شخص قتل ٿي ويو، رضا ڳوٺ ڪچي ۾ جنگا مھر ۽ مرڻاڻي جتوئين جي ٻن ڌرين ۾ ٻيلي کاتي جي زمين تانهلندڙ خوني تڪرار تان جنگا مهر ڌر جي ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ مرڻاڻي جتوئي ڌر جو پيرسن رمضان عرف سرھو جتوئي مارجي ويو، مارجي ويل پيرسن جو لاش پني عاقل جي تعلقي اسپتال آندو ويو جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ڄاڻ موجب ٻيلي کاتي جي سرڪاري زمين تان شروع ٿيل جھيڙي ۾ جنگا مھر ۽ مرڻاڻي جتوئي ڌرين جا هن مهل تائين 15 کان وڌيڪ ماڻھو مارجي چڪا آھن.