ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ٽرانسپورٽ کاتي جعلي فٽنيس سرٽيفڪيٽ استعمال ڪندڙ گاڏين خلاف سخت ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي، سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ پي ٽي ايسيڪريٽري کي هدايت ڪئي آهي ته جعلي فٽنيس سرٽيفڪيٽ استعمال ڪندڙ سڀني گاڏين جا روٽ پرمٽ ڪينسل ڪيا وڃن انهن گاڏين جو رڪارڊ ڊپارٽمينٽ جي لائيو پورٽل تي اپڊيٽ ڪيو وڃي ۽ فوري طور ڪيس داخل ڪيا وڃن، پي ٽي اي سيڪريٽري کي ٽن ڏينهن اندر تفصيلي ڪارروائي رپورٽ پيش ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي، شرجيل ميمڻ چيو ته ڪجهه ٽرانسپورٽرز پنهنجي گاڏين جي فيزيڪل معائني کان بچڻ لاءِ ايجنٽن جي ذريعي جعلي فٽنيس سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري رهيا هئا، جعلي فٽنيس سرٽيفڪيٽ نه صرف قانون جي سنگين ڀڃڪڙي آهي، پر عوام جي تحفظ لاءِ پڻ وڏو خطرو آهي، عوام جي جان ۽ ملڪيت سان کيڏڻ جي اجازت ڪنهن کي نه ڏني ويندي، جعلي فٽنيس سرٽيفڪيٽ جو استعمال نه صرف قانون جي ڀڃڪڙي آهي، پر هڪ سنگين جرم پڻ آهي.