عليما خان جي اڳواڻي ۾ هنيل ڌرڻي تي تشدد، ڪيترائي ڪارڪن گرفتار

راولپنڊي(م ڊ)  عمران خان سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي عليما خان جي اڳواڻي ۾ اڊيالا جيل ٻاهران  پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي ڌرڻي تي پوليس ڪڙڪي پئي آهي، واٽر ڪينن جو استعمال ڪندي ڪيترائي ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا آهن، جڏهن ته عليما خان سميت 400 کان وڌيڪ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي دهشت گردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. اربع جي صبح راولپنڊي جي اڊيالا جيل جي ويجهو پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن ڌرڻو ڏنو، جڏهن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کان ان جي خاندان سان ملاقات جي اجازت نه ڏني وئي. ان دوران پوليس مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو. عمران خان جي ڀينرن، پارٽي ڪارڪنن ۽ حامين فئڪٽري ناڪي تي ڌرڻو هنيو  ۽ عدالتي حڪم مطابق ملاقات جو مطالبو ڪيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 24 مارچ تي هڪ عدالتي حڪم جاري ڪيو هو جنهن مطابق عمران خان سان هفتي ۾ ٻه ڀيرا ملاقات جي اجازت ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو هو، پر پي ٽي آءِ جو موقف هو ته ان حڪم تي عمل نٿو ڪيو وڃي. رات ٻه وڳي آپريشن شروع ڪيو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر واٽر ڪينن ذريعي مظاهرين کي منتشر ڪيو، ان کان پوءِ پوليس لاٺي چارج به ڪيو.مجلس وحدت مسلمين جي اڳواڻ علامه راجا ناصر، جيڪي ڌرڻي ۾ موجود هئا، مظاهرين سان ٿيل غير انساني سلوڪ جي مذمت ڪئي. پي ٽي آءِ جي اطلاعات واري مرڪزي شعبي پنهنجي بيان ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم کي نظر انداز ڪرڻ ۽ اڊيالا جيل ٻاهران ٿيل شديد رياستي بربريت” جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. بيان ۾ چيو ويو  ته اهي قدم صرف انتظامي ناڪاميون نه آهن، پر آئين، قانون جي بالادستي ۽ عدليه جي اختيار تي سڌو حملو آهن. پي ٽي آءِ مطابق حڪومت جي هدايت تي پنجاب پوليس عمران خان جي ڀينرن، علامه راجا ناصر عباس ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن تي واٽر ڪينن ذريعي ڪيميڪل مليل پاڻي اڇلايو جنهن سان ظلم جي سمورن حدن کي پار ڪيو ويو.  پي ٽي آءِ چيو ته ڪابه هنگامي صورتحال نه هئي، ڪوبه قانوني جواز نه هئي، ۽ ڪابه اشتعال انگيزي نه هئي، ان جي باوجود، عورتن، بزرگن ۽ پُرامن مظاهرين تي ڪيميڪل مليل پاڻي اڇلايو ويو، جسماني تشدد ڪيو ويو ۽ ڪيترن ڪارڪنن کي زبردستي گرفتار ڪيو ويو. پي ٽي آءِ چيو ته اهڙا قدم "هڪ دٻيل حڪومت جي تڪڙي، عدم تحفظ ۽ اخلاقي طور تي تباهه ٿيڻ جو ثبوت آهن” ۽ "جبر، ظلم ۽ فسطائيت هميشه قائم نٿو رهي سگهي.”پي ٽي آءِ پاران سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل وڊيوز ۾ مظاهرين کي ڪيميڪل مليل پاڻي کان متاثر ٿيندي ڏيکاريو ويو، ۽ ڪجهه ماڻهو پنهنجي تڪليف جو اظهار ڪندي نظر آيا. عمران خان جي ڀيڻ عليما خان پڻ ان دوران ڪيميڪل جي اثرن بابت شڪايت ڪندي نظر آيون.هن واقعي کان پوءِ ، پي ٽي آءِ حڪومت جي ان قدمن کي غير آئيني، غير قانوني ۽ غير انساني  قرار ڏئي، ان جي ذميوارن کي جوابده بڻائڻ جو مطالبو ڪيو. پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻن سميت پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف دهشتگردي سميت ٻين قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. اڊيالا جيل ٻاهران ڌرڻي جي معاملي تي راولپنڊي جي صدر ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب ڪيس دهشتگردي روڪ ايڪٽ جي قلمن تحت داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ عليما خان، ڊاڪٽر عظميٰ، نورين نيازي، قاسم خان، سلمان اڪرم راجا، عاليا حمزا ۽ ٻين کي نامزد ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر موجب ڪيس مجموعي طور 35 نامزد ۽ 400 اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، 14 جوابدارن کي موقعي تان گرفتار ڪري دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.ڪيس ۾ الزام هنيو ويو آهي ته ڌرڻي دوران پوليس تي پيٽرول بمن سان حملا ڪيا ويا، تشدد ڪيو ويو ۽ قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي.پوليس موجب واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ ٻين ملوث ماڻهن جي سڃاڻپ کانپوءِ قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.