مظاهرين تي واٽر ڪينن جو استعمال انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي: ايمنسٽي انٽرنيشنل

لنڊن(م ڊ)ايمنسٽي انٽرنيشنل چيو آهي ته راولپنڊي جي اڊيالا جيل ٻاهران پُرامن مظاهرين خلاف اختيارين پاران بار بار تيز دٻاءَ واري واٽر ڪينن جو استعمال، پُرامن اجتماع جي آئيني حق جي کلي ڀڃڪڙي آهي، انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ هن تنظيم جو چوڻ آهي ته پاڪستاني اختيارين کي عوام جي پُرامن احتجاج جي حق جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽ طاقت جي غير متناسب ۽ سزا ڏيندڙ طريقن کي ختم ڪرڻ گهرجي،

  1. عمران جون جيل ۾ 870 ملاقاتون ٿيون، اها اڪيلائي واري قيد ناهي: وزيراعظم جو ترجمان

اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)عمران خان جي اڪيلائي واري قيد واري معاملي تي اسڪائي نيوز وزيراعظم جي ترجمان مشرف زيدي سان رابطو ڪيو، ان تي مشرف زيدي چيو ته عمران خان لڳ ڀڳ 860 ڏينهن کان جيل ۾ آهي ۽ اصولي طور تي کيس هر هفتي هڪ ملاقات جي اجازت هجڻ گهرجي، پر حقيقت اها آهي ته ’112 هفتن دوران عمران خان 870 ملاقاتون ڪيون آهن‘، هن ٻڌايو ته عمران خان پنهنجي ڀينرن سان ’137 ملاقاتون ڪيون آهن، جن مان 45 عليمه، 49 عظميٰ ۽ 43 نورين سان ٿيون‘، مشرف زيدي جو چوڻ هو ته عمران خان پنهنجي ڀينرن سان لڳ ڀڳ 140 ملاقاتون ڪيون آهن، جيڪو ’ڪنهن به صورت ۾ قيدِ تنهائي نٿو لڳي‘، هن چيو ته عمران خان پنهنجي وڪيلن سان 451 ملاقاتون ڪيون آهن، جڏهن ته 30 کان وڌيڪ ڀيرا ڊاڪٽرن طرفان سندن طبي معائنو ڪيو ويو آهي، ’انهن ۾ ڪو به فوجي ڊاڪٽر شامل نه هو، سندن ذاتي ڊاڪٽر به ڪيترائي ڀيرا معائنو ڪيو آهي‘، مشرف زيدي چيو ته عمران خان جي پٽن ۽ گڏيل قومن جي ماهرن کي ’گمراهه ڪيو ويو آهي، ، ، ٽي هفتا ملاقاتون ان ڪري معطل ڪيون ويون هيون، ڇاڪاڻ ته هر ملاقات دوران امن ۽ امان جي صورتحال پيدا ٿي ويندي هئي، وڪيلن ۽ خاندان جي هر ملاقات سياسي ملاقات بڻجي ويندي هئي‘، هن جيل مينوئل جو حوالو ڏيندي چيو ته ’ملاقات دوران سياسي معاملن تي ڳالهائڻ جي اجازت ناهي‘، مشرف زيدي اهو به ٻڌايو ته جيل وڃڻ کان پوءِ عمران خان جي ايڪس (ٽويٽر) اڪائونٽ تان 775 پيغام جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن يلدا حڪيم هن کان پڇيو ته ڇا هو کيس عمران خان سان انٽرويو ڪرڻ جي اجازت ڏيندا، ته وزيراعظم جي ترجمان جواب ڏنو: ’اسان اوهان کي اقتدار ۾ موجود وزيراعظم سان انٽرويو ڪرائينداسين، جيل جي قاعدن مطابق مون کي نٿو لڳي ته اسان اسڪائي نيوز کي عمران خان سان انٽرويو ڪرائي سگهنداسين‘، هن چيو: ’جڏهن اوهان سزا يافته ڏوهاري هجو، ته جيل جو مقصد اوهان جي آزادي ختم ڪرڻ هوندو آهي‘،

  1. ڪراچي ايئرپورٽ تي مسافر جو پاسپورٽ ڦاڙڻ ۾ عملو ذميوار قرار

ڪراچي( رپورٽر) ڪراچي هوائي اڏي تي هڪ خانگي ايئرلائن جي عملي پاران مسافر جو پاسپورٽ ڦاڙڻ واري واقعي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، جنهن ۾ عملي کي قصوروار قرار ڏنو ويو آهي. پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي هڪ ڏينهن اڳ ڪراچي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پرڏيهه وڃڻ واري مسافر جو پاسپورٽ ڦاڙڻ واري واقعي جي تحقيقات ڪئي ۽ اهم نڪتن تي ٻڌل رپورٽ تيار ڪئي. ذريعن مطابق، پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي جي تحقيقات ۾ ايئر بليو ڪائونٽر تي موجود عملي کي قصوروار قرار ڏنو ويو آهي. خاتون ملازم ڪرن مسافر جو پاسپورٽ ڏٺو ۽ جلدي ۾ اسٽيڪر هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن سبب پاسپورٽ ڦاٽي پيو.جاچ ۾ اهو پڻ سامهون آيو ته مسافر قدرت الله ايئر بليو جي فلائٽ PA 170 تي جدہ وڃي رهيو هو، ۽ هو ٻيپهري  1:25 تي ايئر لائن جي ڪائونٽر تي پهتو، پر پاسپورٽ ڦاٽڻ سبب هو سفر نه ڪري سگهيو.مسافر انٽرنيشنل ڊيپارچر ٽرمينل بلڊنگ کان ٻاهر اچي پنهنجن خاندان سان گڏ دانهون ڪرڻ لڳو. ان دوران اي ايس ايف ۽ ڊي ٽي ايم موجود هئا،  پر ايئر بليو جي عملي ڪنهن به شڪايت تي توجهه نه ڏني ۽ نه ئي ڪنهن قسم جو قدم کنيو.پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي جي تحقيقات ۾ مڪمل طور تي ايئر لائن جي عملي کي غلط قرار ڏنو ويو آهي.

 ۽ ان جي خلاف اعليٰ سطح تي تحقيقات ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.