هري پور( م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ترقي گڏيل قدمن سان ممڪن آهي، معرڪه حق ۾ مودي سرڪار کي اهڙو سبق سيکاريو ويو آهي، جيڪو هو ڪڏهن به نه وساريندي. قوم جي دعائن سان الله تعاليٰ جنگ ۾ پاڪستان کي فتح عطا ڪئي ۽ ڀارت اها شڪست ڪڏهن به وساري نه سگهندو. هري پور ۾ پرائم منسٽر ليپ ٽاپ اسڪيم جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اڄ تائين 100 سيڪڙو ميرٽ تي 6 لک ليپ ورهايا ويا آهن. هن چيو ته خيبر پختونخوا بهادر ۽ غيرتمند عوام جو صوبو آهي، جتي دهشتگردن خلاف هن صوبي جو عوام، پوليس ۽ فوج جدوجهد ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته اوهان جي قربانين سان ملڪ ۾ امن قائم ٿيو آهي، اوهان جون عظيم قربانيون قيامت تائين تاريخ ۾ سونهري اکرن سان ياد رکيون وينديون. هن چيو ته اڄ اوهان قوم جا عظيم معمار بڻجڻ وڃي رهيا آهيو. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن چارئي صوبا ترقي ڪندا ته پاڪستان ترقي ڪندو. ٻارن کي تعليم ڏيڻ اسان جو پهريون فرض آهي، ۽ جديد اي آءِ تعليم لاءِ سڄي ملڪ مان شاگردن کي ٻاهر موڪليو ويندو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ملڪي معيشت بحران مان نڪري آئي آهي، ترقي جو سفر جادو ٽوڻن سان نه، پر گڏيل اتحاد سان ممڪن آهي.پنهنجي خطاب دوران وزيراعظم شهباز شريف هري پور ۾ دانش اسڪول جي تعمير جو اعلان به ڪيو.