گريڊ هڪ کان چار تائين اهل اميدوارن کي نوڪريون ڏيڻ جو حڪم

سکر(رپورٽ:شفيع محمد ابڙو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي آئيني بينچ گريڊ هڪ کان چار تائين اهل اميدوارن کي نوڪريون ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت جو چوڻ آهي ته جن اميدوارن کي اڳ ۾ آفر آرڊر ملي چڪا آهن ۽ جن جا نالا ڊسٽرڪٽ رڪريٽمينٽ ڪميٽي جي لسٽ ۾ شامل آهن، تن کي نوڪريون ڏنيون وڃن، گريڊ هڪ کان چار تائين سرڪاري نوڪرين بابت داخل درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي وئي،جسٽس ذوالفقار علي سانگي ۽ جسٽس ارباب علي هڱڙو تي ٻڌل ٻن رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت درخواستگذارن ۽ سرڪاري وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو جاري ڪيو آهي، عدالت سنڌ حڪومت کي گريڊ هڪ کان چار تائين نوڪريون ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ، ايڊووڪيٽ محفوظ اعوان موجب عدالت هدايت ڪئي آهي ته جن اميدوارن کي آفر آرڊر ملي چڪا آهن ۽ جيڪي جوائننگ ڪري چڪا آهن، تن کي نوڪريون ڏنيون وڃن، عدالت چيو آهي ته جن اميدوارن جا نالا اڳ ئي ڊسٽرڪٽ رڪريٽمينٽ ڪميٽي جي لسٽ ۾ موجود آهن، تن کي به نوڪريون ڏنيون وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.