اسلام آباد(ابصار عالم) آمريڪي صدر ٽرمپ جو غزا بابت ويهه نڪتن تي ٻڌل امن منصوبو هن وقت بحث هيٺ آهي، پاڪستان کان چيو پيو وڃي ته هو پنهنجي فوج کي انٽرنيشنل اسٽيبلائيزيشن فورس(آءِ ايس ايف) جو حصو بڻائي غزا موڪلي۔پر پاڪستان کي ان تي سنجيده تحفظات آهن۔پاڪستان شرط رکيو آهي ته پاڪستاني فوج حماس کي غير مسلح ۽ غير فوجي ڪري، ته پاڪستان ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي فوج غزا نه موڪليندو۔البت، جيڪڏهن فوج رڳو امن مشن لاءِ، انساني امداد پهچائڻ ۽ استحڪام قائم ڪرڻ لاءِ وڃي، ته پوءِ پاڪستان ISF جو حصو بڻجي سگهي ٿو۔هي فيصلو پاڪستان اندر ٿي چڪو آهي، پر هاڻي اهو فيصلو صدر ٽرمپ تائين پهچائڻو آهي،ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ فيلڊ مارشل آمريڪا جو دورو ڪرڻ وارو آهي،ڇهن مهينن ۾ هن جي صدر ٽرمپ سان اها ٽين ملاقات هوندي،ياد رهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا تازن مهينن ۾ بهتر ٿيا آهن۔ صدر ٽرمپ بار بار پاڪستان ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي واکاڻ ڪئي آهي۔ساڳئي وقت، هو ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي به مختلف طريقن سان دٻاءُ ۾ رکندو رهيو آهيپر هاڻي اوچتو آمريڪي سفارتخاني دهلي مان هڪ بيان آيو آهي، جنهن ۾ صدر ٽرمپ ڀارت جي واکاڻ ڪئي آهي، ان کي انڊو-پئسفڪ علائقي ۾ اهم شريڪ قرار ڏنو ويو آهي۔اهو واضح طور هڪ سياسي اشارو آهي، جنهن جو مقصد پاڪستان کي اهو ٻڌائڻ آهي ته جيڪڏهن توهان نه مڃيو، ته اسان ڀارت ڏانهن به وڃي سگهون ٿا۔”جڏهن ته پاڪستاني ميڊيا ۾ اوچتو خبرون اچڻ لڳيون آهن ته آءِ ايم ايف پاڪستان کان ناراض آهي،ايندڙ قسط خطري ۾ پئجي سگهي ٿي حالانڪه پاڪستان اڳ ئي آءِ ايم ايف جا سخت شر مڃي چڪو آهي:بجلي، گئس، پيٽرول مهانگوغريب ۽ وچولو طبقو سخت متاثر ٿي رهيو آهي پر ان باوجود، نوان شرط سامهون آڻڻ جو مقصد به دٻاءُ وڌائڻ آهي۔ساڳئي وقت، يورپي يونين جو وفد پاڪستان ۾ آهي، ۽ جي ايس پي پلس اسٽيٽس کي به دٻاءُ طور استعمال ڪيو پيو وڃي۔فوجي ۽ دفاعي دٻاءُ طور ڏسجي ته آمريڪا پاڪستان کي F-16 جهازن جي اپ گريڊ جي منظوري ڏني آهي، جنهن جي قيمت لڳ ڀڳ 660 ملين ڊالر آهي۔اهو به واضح پيغام آهي ته جيڪڏهن پاڪستان آمريڪا جي ڳالهه نه مڃي، ته اهي معاهدا به روڪي سگهجن ٿا—بلڪل جيئن ماضي ۾ F-16 جهازن سان ٿيو هو۔هن وقت بين الاقوامي ميڊيا، خاص طور:اسڪاءِ نيوز،الجزيرهڪجهه مغربي صحافي اوچتو عمران خان جو معاملو عالمي سطح تي اڀاري رهيا آهن۔يواين رپورٽ، جمائما گولڊسمٿ، پئرس مورگن ۽ ٻين جا بيان اهي سڀ به دٻاءُ واري حڪمت عملي جو حصو آهن۔واضح ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن پاڪستان آمريڪا جي ڳالهه مڃي وٺي، ته اهي ئي ميڊيا ادارا عمران خان کي به وساري ڇڏيندا۔ايندڙ اهم ملاقات ۾ ٻه امڪان آهن،صدر ٽرمپ ناراض ٿيو ته پاڪستان سان به ڀارت جهڙو رويو رکي سگهي ٿو،يا پاڪستان آمريڪا کي قائل ڪري ته هي شرط تبديل ڪيا وڃن، ته جيئن مسلمان ملڪ پنهنجي عوام جي خواهشن خلاف نه وڃن۔پاڪستان جو اصولي موقف آهي:پاڪستان جا مفاد پهرين، ٻيا سڀ پوءِ۔ايندڙ ڏينهن ۾ هن معاملي ۾ ڪيترائي لاها چاڙها ايندا،ٻئي پاسي رائٽرز نيوز ايجنسي موجب واشنگٽن ۾ قائم ائٽلانٽڪ ڪائونسل جي ڏکڻ ايشيا لاءِ سينيئر فيلو مائيڪل ڪوگلمين چيو ته غزا جي اسٽيبلائيزيشن فورس ۾ حصو نه وٺڻ ٽرمپ کي ناراض ڪري سگهي ٿو، ۽ اها ڪنهن به طرح ننڍي ڳالهه ناهي،عاصم منير وٽ طاقت آهي،هو خطرن کي منهن ڏئي سگهي ٿو، ليکڪا ۽ دفاعي تجزيه نگار عايشه صديقه چيو ته پاڪستان پنهنجي روايتي دشمن ڀارت سان ٽي ڀيرا جنگون وڙهي چڪي آهي ۽ هن اونهاري ۾ به هڪ مختصر تڪرار ٿيو۔۽ هن وقت اسلامسٽ شدت پسندن خلاف سخت جنگ ۾ ڦاٿل آهي،هن چيو ته پاڪستان جي فوجي طاقت جو مطلب اهو آهي ته عاصم منير تي پنهنجي صلاحيت ڏيکارڻ لاءِ وڌيڪ دٻاءُ آهي، پر ملڪ اندر وڏي ڳڻتي اها آهي ته جيڪڏهن آمريڪا جي حمايت يافته منصوبي تحت پاڪستاني فوج غزه ۾ شامل ٿي، ته پاڪستان جون اهي مذهبي پارٽيون ٻيهر احتجاج شروع ڪري سگهن ٿيون، جيڪي آمريڪا ۽ اسرائيل جي سخت مخالفت ڪن ٿيون۔انهن وٽ هزارين ماڻهن کي روڊن تي آڻڻ جي طاقت موجود آهي۔ٻئي پاسي پاڪ فوج، پرڏيهي وزارت ۽ اطلاعات واري وزارت رائٽرز جي سوالن جو جواب نه ڏنو۔ وائيٽ هائوس به تبصرو ڪرڻ جي درخواست تي ڪو جواب نه ڏنو۔پاڪستان جي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار گذريل مهيني چيو هو ته اسلام آباد امن مشن لاءِ فوج موڪلڻ تي غور ڪري سگهي ٿو، پر حماس کي هٿياربند ٿيڻ کان ۔سنگاپور جي ايس. راجارتنم اسڪول آف انٽرنيشنل اسٽڊيز جي سينيئر ايسوسيئيٽ فيلو عبدالباسط چيو ته جيڪڏهن غزه فورس ميدان ۾ لهڻ بعد حالتون خراب ٿيون، ته مسئلا تمام جلدي پيدا ٿيندا۔ماڻهو چوندا ته اسرائيل جي مرضي پوري ڪئي پئي وڃي، جيڪو به اهو اڳواٽ نه ڏسي سگهي، اها وڏي بيوقوفي هوندي۔“